“30 ڪلوميٽرن تي 2 ٽول نامنظور” مٽياري واسين جي ڀرپور مزاحمت، ڌرڻو، اين ايچ اي جو منصوبو ختم ڪرڻ کان انڪار

0
32
“30 ڪلوميٽرن تي 2 ٽول نامنظور” مٽياري واسين جي ڀرپور مزاحمت، ڌرڻو، اين ايچ اي جو منصوبو ختم ڪرڻ کان انڪار
“30 ڪلوميٽرن تي 2 ٽول نامنظور” مٽياري واسين جي ڀرپور مزاحمت، ڌرڻو، اين ايچ اي جو منصوبو ختم ڪرڻ کان انڪار

مٽياري ( رپورٽر ) مٽياري ضلعي ۾ ھڪ ٻئي ٽول پلازا جي تعمير خلاف مٽياري عوامي اتحاد پاران عوامي اتحاد جي ڪنوينر حاجي سارنگ منگواڻو، ڄام شوڪت ابڙو، نصير ميمڻ، سليم سنڌي، فقير محمد منصوري، جنيد ميمڻ، علي اختر ميمڻ، سجيل سالاريو ، تاج حيدر درس، رحمت الله ترڪ، ذوالفقار ڏيٿو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ٽي ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪري ٽول پلازہ واري ھنڌ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي، مظاھري ۾ جي يو آءِ ، ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، نواز ليگ، جسقم، جسقم آريسر، مٽياري واپاري ايسوسيئيشن سميت سماجي اڳواڻن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته مٽياري ضلعو ھڪ ننڍڙو ضلعو آھي، جنھن جو قومي شاھراھ صرف 70 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، ان ۾ اڳ ئي نيو سعيد آباد وٽ ٽول پلازہ موجود آھي ته پوءِ ان کان 30 ڪلوميٽرن تي ٻيو ٽول پلازہ ٺاھڻ ضلعي جي واپارين توڙي عوام سان ناانصافي آھي جنھن خلاف مٽياري عوامي اتحاد احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي، جنھن جي پھرين مرحلي ۾ ھي گڏيل احتجاج آھي، ان کان پوءِ اگر  سرڪار اسان جي احتجاج تي ڌيان  نه ڏنو ته اسان جي ھي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. ٻئي طرف احتجاج ۽ ڊي سي جي خط بعد نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جا عبيدالله عمراڻي، جنرل مئنيجر سنڌ ، فيروز ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد  ۽ ٻين تي ٻڌل وفد مٽياري پهچي ڊي سي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هنن ٻيو ٽول پلازا ٺاهڻ کي جائز قرار ڏنو. اين ايچ اي وفد جو موقف هو ته اٿارٽي وقت بوقت اهڙا منصوبا شروع ڪندي رهندي آهي جنهن سان مسافرن کي سهولتون فراهم ٿين ۽ اٿارٽي جي آمدني ۾ اضافو ٿئي. ذريعن موجب اٿارٽي وفد نيو سعيد آباد بعد مٽياري ۾ به ٽول پلازا قائم ڪرڻ واري فيصلي جو دفاع ڪندي ان کي اداري جي آمدني لاءِ ضروري قرار ڏنو ۽ مسافرن لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي.

انتظاميا جي چال، ٻن ٽول پلازائن کي ڪيٽيگرين ۾ ورهائي ڇڏيو

مٽياري: ڊپٽي ڪمشنر مٽياري يوسف شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته اين ايچ اي کي ٽول پلازا کي اي ڪيٽيگري ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ سميت ٽول ٽيڪس جي انڪم مان ضلعي جي قومي شاهراهه تي ستر فيصد خرچ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر مٽياري يوسف شيخ، عوامي اتحاد ۽ نيشنل هائي وي اٿارٽي جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر پاران اين ايچ اي کي ٽول پلازا اي ڪيٽيگري ۾ ڪرڻ جو چيو ويو آهي جنهن تحت ضلعي مٽياري سان واسطو رکندڙ ننڍي وڏي گاڏي جي فري اچ وڃ ڪئي وڃي ٽول تي سمورا ملازم مقامي ڀرتي ڪيا وڃن، ان سان گڏ ٽول جي انڪم مان 70 سيڪڙو ضلعي جي قومي شاهراهه تي خرچ ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري يوسف شيخ جو چوڻ آهي ته ٽول ٺهڻ جو فائدو به مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجي.

عوامي اتحاد اڳواڻن جي اين ايچ اي عملدارن سان ملاقات، خدشن کان آگاهي

مٽياري:  مٽياري عوامي اتحاد پاران مٽياري ضلعي ۾ ٻئي ٽول پلازا جي تعمير خلاف احتجاجي ڌرڻي کان پوء نيشنل ھائي وي اٿارٽي جي اعليٰ سطحي وفد مٽياري پھچي احتجاج ڪندڙ مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سندن خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مٽياري عوامي اتحاد جي وفد ۾ جي يو آئي جا حاجي سارنگ منگواڻو ، سليم سنڌي ، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو،  عبدالفتاح ڳاھوٽي ، نواز ليگ اڳواڻ نصير ميمڻ، جماعت اسلامي اڳواڻ فقير محمد منصوري،  جسقم اڳواڻ سجيل سالاريو، سماجي اڳواڻ رحمت الله ترڪ شريڪ ھئا جڏھن ته نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جا عبيدالله عمراڻي، جنرل مئنيجر سنڌ ، فيروز ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد ، خالد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل ھائي وي اٿارٽي نديم اختر ۽ اصغر علي لانگاھ شريڪ ھئا، اين ايچ اي جي وفد مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن کي ٽول پلازہ جي تعمير بابت آگاھي ڏني، جڏھن ته مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن نيشنل ھائي وي اٿارٽي جي عملدارن کي پنھنجن خدشن کان آگاھ ڪيو.

ھڪ تعلقي مان ٻئي تعلقي ۾ وڃون ته ٽيڪس ڇو ڏيون؟ اڳواڻ

مٽياري :  اڳواڻن جو چوڻ ھو ته مٽياري ضلعو زراعت جو ضلعو آهي، اسان  جيڪڏهن ھڪڙي تعلقي مان ٻئي تعلقي ۾ سامان کڻي وڃون ته ٻن جڳھن تي ٽيڪس ڏيون، اھا اسان ناانصافي آھي، اسان کي نئون ٽول پلازہ ڪھڙي به حال ۾ قبول ناھي، اگر نيشنل ھائي وي اٿارٽي ھي ٽول پلازہ ختم نه ڪيو  ته قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻنداسين.