ڪراچي: 30 کرب رپين کان وڌيڪ رقم واري بجيٽ پيش ڪندڙ ۽ بجيٽ کي بنا خساري واري دعويٰ ڪندڙ سنڌ سرڪار 13 کرب رپين جي قرضي نڪتي. هلندڙ مالي سال ۾ به اربين  رپين جو قرض ورتو ويو. رپورٽ موجب سنڌ حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته سندن 30 کرب رپين کان وڌيڪ واري بجيٽ ۾ ڪو به خسارو ناهي پر بجيٽ دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت 10 کرب 57 ارب 32 ڪروڙ 30 لک رپين جي قرضي آهي، ايندڙ مالي سال دوران 3 کرب 25 ارب 52 ڪروڙ رپين جو قرض ورتو ويندو جيڪو 30 جون 2025ع تي 13 کرب 41 ارب 19 ڪروڙ 10 لک رپيا ٿي ويندو. جنهن ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ جو 9 کرب  8 ارب 75 ڪروڙ، ايشيائي ترقياتي بينڪ جو 2 کرب 49 ارب 544 ارب، آءِ ايف اي ڊي جو 23 ڪروڙ 40 لکل، آءِ بي آر ڊي جو 89 ارب 74 ڪروڙ 50 لک، ٻين جو 70 ارب 32 ڪروڙ 40 لک ۽ جاپان جو 10 ارب 34 ڪروڙ 90 ارب پرڏيهي ڪل قرض 13 کرب 28 ارب 94 ڪروڙ 60 لک رپيا ايندڙ سال تائين ٿي ويندو. سي ڊي ايل جو قرض 68 ملين ۽ سڪارپ جو 12 ارب 17 ڪروڙ 60 لک ڪل ڏيهي قرض 12 ارب 24 ڪروڙ 40 لک ٿي ويندو. 41 ارب 65 ڪروڙ 20 لک رپيا واپس ڪرڻا آهن.