ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آهي ته 30 جون تائين استادن جي ڀرتين وارو مرحلو ختم ٿيڻ تائين نون استادن جو تعداد 95 هزار تائين پهچي ويندو. جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته استادن جي کوٽ ختم ٿيڻ ۽ ميرٽ تي استاد ڀرتي ٿيڻ سبب سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جو تعداد وڌيو آهي. هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ بهترين استادن جي ڀرتي ٿيڻ بعد والدين جو سرڪاري اسڪولن تي اعتماد بحال ٿيو آهي.