ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري ۽ ميزبان ريحام خان انڪشاف ڪيو آهي ته طلاق جي افواهن کانپوءِ کيس چوٿون ڀيرو شادي جون آڇيون اچڻ شروع ٿيون آهن.ريحام خان پنهنجي مڙس مرزا بلال سان گڏ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو آهي. مٿي ڏنل وڊيو پيغام ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته طلاق جي افواهن کان پوءِ چوٿون ڀيرو شادي جي آڇ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.هن چيو ته مرزا بلال جي موبائيل فون تي پيغام اچي رهيا آهن ته کيس شادي لاءِ چيو وڃي.ريحام چيو ته سندس مڙس کي پيغام ۾ منهنجو نمبر گهريو ويو ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ شادي جي خواهش ظاهر ڪئي وئي.