اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت هڪ سو رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي. عدالت مئجسٽريٽ جو جوابدار جي رمانڊ ۽ ماتحت عدالت مان ضمانت رد ڪرڻ وارو فيصلو شرم جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس بابر ستار ڪراچي جي بينڪ مئنيجر جي ضمانت منظور ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.  فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذار جي ٽيڪس فراڊ ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جو ڪو به مواد پيش ناهي ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اٿارٽيز ۽ ٽيڪس اختياريون طئي ڪيل قانون جي خلاف ورزي ڪئي. شرم جي ڳالهه آهي ته رمارنڊ ڏيندڙ مئجسٽريٽ ۽ ضمانت رد ڪندڙ عدالت سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي شقن جو به خيال ناهي ڪيو. ماتحت عدالت بنيادي آئيني حقن جي تحفظ بجاءِ ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي گمراهه ڪندڙ قدمن کي تسليم ڪيو. عدالت درخواستگذار جي هڪ سو رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت چيئرمين ايف بي آر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن جي ڪاپي ٽيڪس آفيسرن ۾ تقسيم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خلاف ورزي تي ايف بي آر ۽ ٽيڪس آفيشلز  ڪاروائي کي منهن ڏيندا.