ميرپورخاص: آزاد اميدوار طور اليڪشن کٽيندڙ ايم اين اي سيد علي نواز شاهه جي ترجمان حسين بخش خميساڻي ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ترجمان ميرپورخاص ضلعي اندر 3 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، سندس چوڻ هوته ايم اين اي سيد علي نواز شاهه ذاتي ڪوششن سان پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄاروڇايا آهن، هن چيو ته شهر لاءِ نئين گرڊ اسٽيشن منظور ڪرائي آهي، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي، ميرپورخاص شهر اندر ايندڙ گئس پائيپ لائين کي اپ گريڊ ڪري 8 انچن مان 12 انچ منظور ڪرائي شهرين کي بهتر سهولت ڏني وئي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ بجلي سميت پيور بلاڪ، سولر عوام کي ڏنو، هن چيو ته ايم اين اي علي نواز شاهه پنهنجي حڪومتي عرصي مان مطمئن آهي، کيس ٻيهر موقعو مليو ته هو اڃا به پنهنجي تڪ واسين جي خدمت ڪندو رهندو.