ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جمشيد ڪوارٽر ۾ بلڊر جي رائيڊر کان 3 ڪروڙن جا بانڊ ڦريندڙ 2 جوابدار گرفتار ٿي ويا آهن.
ايس ايس پي حيدر رضا موجب جوابدار نويد ۽ فرحان احمد بانڊ فري حيدرآباد فرار ٿيڻ جِي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، جوابدارن کان اڍائي ڪروڙن جا بانڊ هٿ آيا، جن ساٿين سان گڏجي بانڊ ڦرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.