ملير(رپورٽ: نازشر ) 3 ويلا ماني نٿا ڏئي سگهون: ملير انتظاميا پاران ٽينٽ سٽي ختم ڪري متاثرن کي واپس ڪرڻ جي سفارش، ان ڏس ۾ ملير جي ڊپٽي ڪمشنر عرفان سلام ميرواڻي ڪراچي جي ڪمشنر کي خط لکي برسات متاثرن کي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واپس موڪلڻ لاءِ زور ڀريو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعليٰ جي هدايتن تي هڪ مهيني لاءِ عارضي ٽينٽ سٽي ٺاهي متاثرن کي ترسايو ويو هو، هن وقت ٽينٽ سٽي کي 2 مهينا ٿي ويا آهن، متاثرن کي ٽن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو مستقل بنيادن ٿي ڏئي نٿو سگهجي، سياري جي مند ۾ بيماريون وڌڻ جو پڻ خطرو آهي صحت جي ماهرن پڻ راءِ ڏني آهي ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ ٻارن، ٻڍن  ۽ عورتن ۾ ٿڌ سبب بيماريون پکڙبيون. انهي ڪري مجاز اختيارين کان ٽينٽ سٽي کي بند ڪرڻ جي اجازت وٺي متاثرين کي سندن ڳوٺن ڏانهن  موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، هوڏانهن ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ رشيد سڌايو، اعظم مگسي، غلام مصطفيٰ لاشاري، يار محمد مگسي ۽ ٻين چيو ته برساتن سبب سندن گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، سان جانيون بچائي ڪراچي پهتاسين، هنن چيو ته ملير انتظاميا هڪ مهينو ترسائڻ بعد متاثرن کان لاتعلق ٿي وئي آهي، هڪ مهيني کان ٽينٽ سٽي ۾ ڪو عملدار نه پيو اچي، هنن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ 9 کان وڌيڪ متاثر فوت ٿي چڪا آهن، ڪيترائي متاثربيمار پيل آهن، جن جي ڪير واهر ڪرڻ وارو ناهي، هنن چيو ته ڊي سي ملير پاران ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ وارو فيصلو متاثر دشمني تي ٻڌل آهي، هنن چيو ته اسان جو الهه تلهه ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ واپس وڃي ڇا ڪنداسين؟ اسان کي ڪراچي ۾ اجهو ۽ روزگار ڏنو وڃي، اسان ٽينٽ سٽي خالي نه ڪنداسين.