3ججز خلاف سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

0
267
جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي
3ججز خلاف سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت ٽن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته اسان جهڙي وزيراعظم کي ڌڪو ڏنو ويندو آهي ۽ هڪ ڊڪٽيٽر کي ڀاڪر ڀريو ويندو آهي، مون کي گاڊ فادر ۽ سسلين مافيا چيو ويو، ٻٽو ​​معيار سمجهه ۾ نٿو اچي، پاڪستان ۾ حڪومتون هاڻي ڪيئن هلنديون.؟ جيئن پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، ائين ڏکڻ ايشيا يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿو؟

هن چيو ته اسان اهو 70 سالن کان ڏسي رهيا آهيون، 1953ع کان وٺي نظريه ضرورت تحت فيصلا ٿيندا رهيا آهن، 70 سالن کان اهو ئي تماشو بار بار ڏسي رهيا آهيون، چونڊيل حڪومت گهر موڪليو ويندو آهي

هن چيو ته نظريه ضرورت رڳو آمرن لاءِ هوندو آهي، 3 ججز جي بينچ 4 ججز جي فيصلي کي تسليم نٿي ڪري، اِهو فيصلو ون مين شو آهي،ڪيس بابت فيصلو چئن ججز اڳ ئي ڏئي ڇڏيو آهي

آئين جي ابتڙ فيصلو ڏيڻ تي ٽن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي، هي فيصلو هنن ججن خلاف چارج شيٽ آهي، هنن آئين کي ٻيهر لکيو آهي، گهرو وزير، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ پارليامينٽ جي مطالبي باوجود فل ڪورٽ ڇو نه جوڙي وئي؟

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري

4اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو: وزير اعظم

عمران کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻو آهي، ڪارڪن تياري ڪن: شاهه محمود قريشي

ڊپ اٿم ته ڪٿي پاڪستان ئي نه ٻڏي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

وفاقي ڪابينا اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا پاران فيصلي کي رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين جا بخيا اڍيڙيندڙ کي ڪٽهڙي۾آڻيو: مريم نواز