گذريل ٻه سال قومي ٽيم لاءِ انتهائي ڏکيا ثابت ٿيا آهن،2023 ع جو عالمي ون ڊي ڪپ هجي توڙي ٽي ٽوئنٽي ٻنهي وڏن ٽورنامينٽن ۾ پاڪستاني ٽيم پاڻ مڃرائي نه سگهي،هن سال پاڪستان کي 29 سالن کانپوءِ ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ جي ميزباني ملي آهي، اهو ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون واقعو هوندو جو ڪا ميزبان ٽيم ايونٽ جي 96 ڪلاڪن اندر ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي هجي،آئي ڏينهن دنيا جون ڪمزور ٽيمون ڪرڪيٽ ۾ وڏين وڏين ٽيمن کي ٽوٽا چٻائينديون وتن،چاهي اها افغانستان جي ٽيم هجي يا زمبابوي جي يا نيدرلينڊ جي،پر اسان اچون ٿا پاڪستان جي ميزباني هيٺ هلندڙ چيمپئنز ٽرافي جي صورتحال تي،چيمپئنز ٽرافي ڪرڪيٽ جي دنيا جو وڏي مان وڏو دنگل آهي،جنهن ۾ دنيا جون 8 ٽاپ جون ٽيمون ٻن گروپن ۾ هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائي فائنل جي ڊوڙ ۾ لڳي وينديون آهن،هن سال چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارت جي ٽيم هر لحاظ کي فيوريٽ آهي، ڀارت جي ٽيم ۾ هن وقت ڪجهه نوجوان رانديگر آهن ته انهن جي سپورٽ لاءِ تجربي يافته کلاڙي به آهن، وٽن شڀمن ۽ روهت شرما جهڙي بهترين اوپننگ جوڙي آهي،جيڪا هن وقت دنيا جي خطرناڪ ترين جوڙي آهي،ون ڊائون ۾وٽن “ڪرڪيٽ جو ڪنگ” جي ها “ورات ڪوهلي” به آهي، جنهن تازو ئي اسان جي قومي ٽيم جي بالرن کي دبئي جي گرائونڊ ۾ ڪٽڪو ڏنو هو، انڊيا جي ٽيم کي ٽورنامينٽ کان پهرين جسپريت بمبراهه جي صورت ۾ وڏو جهٽڪو لڳو،بمراهه هن وقت دنيا جو بهترين بالر آهي،ٽيمون ميچ پنهنجي بالرن جي زور تي به کٽينديون آهن،پر في الحال ڀارت لاءِ فائنل جو رستو مڪمل طور تي کليل آهي، چوندا آهن ڪرڪيٽ باءِ چانس پر هن وقت ڀارت جي ٽيم جنهن اسڪواڊ سان ٽورنامينٽ ۾ لٿي آهي نٿو لڳي ته کيس ڪا ٽيم آساني سان شڪست ڏئي سگهندي،منهنجي تجزئي موجب فائنل لاءِ ڀارت جي ٽيم پهرين نمبر تي آهي،هاڻي اچجي ٻين ٽيم تي جيڪي ٽورنامينٽ جي اڳين مرحلي يعنيٰ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي بلڪه ڪري چڪي آهي، اها نيوزلينڊ جي ٽيم آهي،نيوزلينڊ هر وڏي اسٽيج تي پاڻ ملهايو آهي، بدقسمتي چئجي جو ٽائٽل پنهنجي نانءُ ناهي ڪري سگهندي،هن سال به نيوزيلينڊ جي ٽيم بهترين اسڪواڊ سان گڏ ميدان تي لٿي آهي،جيڪا هاڻ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي، ڪيوي ٽيم وٽ بيٽنگ توڙي بالنگ لاءِ بهترين آپشن موجود آهن،وٽن ول ينگ ۽ ڊيوان ڪانوائي جي صورت ۾ مضبوط اوپننگ جوڙي موجود آهي، ون ڊائون تي وٽن دنيا جو هڪ خوبصورت رانديگر ڪين وليمسن موجود آهي،جنهن جو شمار هن دور ۾ فيب فور ۾ ڪيو ويندو آهي،چوٿين نمبر تي وٽن هن وقت ڪرڪيٽ جو اڀرندڙ ستارو رچن روندار به مڪمل طور تي فٽ واري پوزيشن ۾ موجود آهي،ڪيوي ٽيم جو اگر سيمي ۾ ڀارت سان ٽاڪرو ٿيو ته ميچ هڪ طرفو نه ٿيندي،مقابلو ٿيندو پر ڀارت جا فائنل جا امڪان اهي ئي رهندا، جيڪي مٿي لکي چڪو آهيان،ٽيئن نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي رکي سگهجي ٿو، جيڪا سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿي،2015 واري ورلڊڪپ کانپوءِ آفريڪا جي ٽيم ان پوزيشن ۾ نه رهي هئي،آفريڪا جي ٽيم به سدائين اسان جي قومي ٽيم وانگي سياست جي وري چڙهيل رهي آهي،پر گذريل 3 سالن کان سندن ٽيم ڪرڪيٽ ۾ باقاعدي واپسي ڪئي آهي،2023 جي ون ڊي ورلڊڪپ ۾ آفريڪي ٽيم بهترين پرفارمنس ڏيکاري، 2024 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي تي فائنل ۾ انڊيا سان مقابلو ڪيس پر ٽرافي نه کٽي سگهي،هن وقت آفريڪا جي ٽيم جنهن اسڪواڊ سان پاڪستان آئي آهي سندس تيور بدليل آهن،هن وقت آفريڪا جي ٽيم وٽ به بيٽنگ سان گڏ بهترين بالر به موجود آهن،وٽن اوپننگ ۾ راين رڪيلٽن جهڙو ٽيلنٽڊ نوجوان کلاڙي موجود آهي،پر هن وقت ٽورنامينٽ ۾ ڀارت کانپوءِ بهترين قسم جو مڊل آرڊر جيڪڏهن ڪنهن ٽيم جو آهي ته اها آفريڪا جي ٽيم آهي، وٽن مارڪرم، ڪلاسين ۽ ملر جهڙا رانديگر مڊل آرڊر ۾ موجود آهن،جيڪي ميچ جو پاسو ڪجهه اوورن ۾ ئي پلاٽائي سگهن ٿا،آسٽرليا سان ميچ نه ٿيڻ سبب سندس گروپ جي صورتحال انتهائي دلچسپ ٿي وئي آهي، پر آفريڪا سيمي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندي،هاڻي اچون ٿا سيمي لاءِ چوٿين ٽيم تي هاڻ ٿوري صورتحال مونجهاري جو شڪار آهي،مٿي ذڪر ڪيل آهي ته آسٽريليا جي ٽيم جو آفريڪا سان ميچ نه ٿي سگهيو، سيمي لاءِ ٻن ٽيمن جو آپشن وري به رکجي ٿو جنهن ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آهن،پهرين ڳالهه ڪجي ٿي آسٽريليا جي پڙهندڙن کي تعجب ته لڳندو پر جيڪا ڳالهه آهي سا ڪبي،اهو پهريون ڀيرو هوندو جو ون ڊي ڪرڪيٽ جي بهترين ٽيم لاءِ سيمي فائنل جي ڊوڙ مشڪل پئي لڳي،2023 جو عالمي ون ڊي ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کان اڳ وڏو ڌڪ لڳي پيو،ائين کڻي چئجي ته سندس ڪرنگهو ڀڄي پيو،سندن ٽي اهم رانديگر جن ۾ پهريون نمبر سندس ڪپتان پيٽ ڪمنز ٻيو نمبر مچل اسٽارڪ ۽ ٽيو نمبر جوش هيزلووڊ زخمي ٿي پيا،آسٽرليا ڪرڪيٽ جي چيمپئن ٽيم آهي، وٽن بيٽنگ ٽوڙي بالنگ شاندار هوندي آهي، پر هن ايونٽ ۾ عالمي چيمپئن ٽيم تمام ڪمزور بالنگ سان گڏ ميدان تي لٿي آهي،هن وقت به سندن بيٽگ لائين ٻين ٽيمن لاءِ تباهي آهي پر بالنگ اسان جي قومي ٽيم کان به ڪمزور اٿن،آسٽريليا جو ايندڙ ميچ افعانستان جي ٽيم سان آهي، جيڪو هڪ پاسو ته نه ٿيندو ، ٻيو آپشن انگلينڊ جي ٽيم جو آهي،انگلش ٽيم لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ لاهن ۽ چاڙهن جو شڪار رهندي پئي اچي، 2023 وارو عالمي ڪپ انگلش ٽيم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو، پاڪستان خلاف جيڪڏهن ميچ نه کٽي ها ته چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڪواليفاءِ به نه ڪري سگهي ها،بهر حال انگلينڊ جي ٽيم بهترين اسڪواڊ سان گڏ ميدان تي ته لٿي آهي، پر پاڪستان جون ڪنڊيشنز انگلش ٽيم لاءِ سازگار ناهن ثابت ٿيون، تازو ئي آسٽريليا جي ٽيم کان شڪست اهو ثابت ڪري چڪيون آهي،افغانستان جي ٽيم خلاف به سندن ميچ هلندڙ آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين ڏسي رهيا آهن،سندس اهم بالر شروعات ته بهترين ڪري ويا پر آخر ۾ افعاني ٽيم سندن داڻا ڪڍي ڇڏيا آهن،تڏهن به اها ميچ هلندڙ آهي،سندن ٽيم 325 رنسون چيس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي،هي پهرين ٽورنامينٽ آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جون مضبوط ٽيمون ڪمزور ۽ ڪمزور طاقتور پيون لڳن،باقي اسان جي قومي ٽيم جو ته الله واهي آهي،اگر مگر وارو سلسلو به ختم ٿي ويو، ٽيم خاموشي سان دبئي مان پاڪستان پهچي وئي، آخري ميچ بنگلاديش سان کيڏندي،ٻئي ٽيمون پنهنجو آخري ميچ کيڏي پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺنديون،هي منهنجو پنهنجو تجزيو آهي،باقي وڌيڪ ڪرڪيٽ باءِ چانس آهي،جيڪا ٽيم محنت ڪندي اها ٽورنامينٽ کٽيندي.