حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نيب پاران مني لانڊرنگ ۽  جي جي ويل ايل ۾ 29 ارب رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ گرفتار اقبال زيڊ سميت 6 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. گرفتار اقبال زيڊ احمد، سندس پٽن فصيح الدين، رفيع الدين، قاضي همايون خان، افتخار عالم ۽ سلامت علي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد ڪريم خان آغا تي مشتمل سنگل بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت اقبال زيڊ احمد سميت 6 ئي جوابدارن جي پڪي ضمانت ڪئي هئي پر رڳو انهن شوئرٽي واپس ورتي جنهن تي احتساب عدالت سندن گرفتاري جو حڪم ڏنو. وڪيل عدالت کي اهو به ٻڌايو ته نيب ترميم بعد ڄاڻايل ريفرنس واپس ٿيو ۽ عدالت مان ڪيس ختم ٿيڻ سبب اقبال زيڊ ۽ ٻين شوئرٽي واپس ورتي هئي پر بنا نوٽيس جي لاڳاپيل عدالت سندن ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن بابت کين ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ هو ريفرنس واپس ٿيڻ بعد جيئن ئي لاڳاپيل عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ پهتا ته نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته 6 ئي جوابدارن جي ضمانت رد ٿي چڪي آهي ان ڪري سندن گرفتاري جو حڪم ڏنو وڃي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ٻيهر هو قانوني طريقي سان پنهنجي نئين ضمانت پيا ڪرائين جڏهن ته اڳ ۾ به سندن ضمانت ٿيل هئي ان ڪري استدعا آهي ته سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻي 3 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 11 نومبر تي احتساب عدالت اقبال زيڊ احمد، فصيح الدين، رفيع الدين، قاضي همايون، عاصم افتخار ۽ ملازم سلامت علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالتي حڪم بعد نيب سمورن جوابدارن کي تحويل وٺي نارا جيل اماڻيو هو جنهن بعد انهن ٻيهر ضمانت لاءِ وڪيل معرفت لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. احتساب عدالت 16 نومبر تي جوابدارن پاران ڏنل ٻيهر ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شنوائي بعد وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل ريفرنس ۾ اقبال زيڊ سميت ڪجهه جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ٿي هئي جڏهن ته ڪجهه جوابدارن گرفتاري کانپوءِ ضمانت ڪرائي هئي. اقبال زيڊ احمد سميت 6 ئي جوابدارن جي ضمانت ٿيل آهي، رڳو شوئرٽي واپس وٺڻ بعد ضمانت رد ٿي جنهن بابت عدالت کي انهن تفصيلي طور آگاهي ڏني آهي ۽ کين اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سندن ضمانت منظور ٿي ويندي. واضح رهي ته نيب مني لانڊرنگ ۽ جي جي ويل ايل ۾ اربين رپين جي ڪرپشن بابت 2020ع ۾ اقبال زيڊ سميت ٻين جوابدارن خلاف 1/2020ع تحت ريفرنس داخل ڪيو هو.