ڪراچي (شوبز نيوز) 28 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي پهرين سنڌي فيچر فلم “سنڌو جي گونج” جي پور فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي. اها فيچر فلم 1997 ۾ سينيما گهرن ۾ آخري ڀيرو رليز ٿيندڙ سنڌي فلم “همت” کانپوءِ پهرين فيچر فلم آهي. فلم پاڪستان، ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش جي گڏيل پروڊڪشن آهي، جنهن لاءِ ناليواري پاڪستاني اداڪار شمعون عباسي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر جو ڪردار نڀايو آهي. “سنڌو جي گونج” جو ليکڪ ۽ هدايتڪار راهول اعجاز آهي، فلم جي ڪهاڻي سنڌو درياهه ۽ ان جي انساني زندگي تي پوندڙ اثرن ۽ درياهه جي انسانن سان لاڳاپن تي ٻڌل آهي، فلم ذريعي 5 مختلف ڪهاڻيون ڏيکاريون وينديون. فلم جي پروڊڪشن 3 مختلف فلم اسٽوڊيوز جي بين الاقوامي ڀائيواري سان ممڪن ٿي آهي، جنهن ۾ اين چپس ميڊيا پروڊڪشنز، شام فلمز ۽ ڏکڻ ڪوريا جي بگ ميٽا فلمز شامل آهن. سنڌو جي گونج فلم کي فلمي صنعت لاءِ هڪ نئين بابت جي شروعات سمجهيو پيو وڃي، جنهن ذريعي مقامي ثقافت ۽ ڪهاڻين کي سرحد پار ٻڌائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.