ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ 28ڪروڙ رپين جي فراڊ ۾ ملوث لياقت ڇڄڙو کي ملتان مان گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جو ڀاءُ امجد علي ۽ ڀائٽيو فيصل پرڏيهه مان فراڊ ڪندا آهن، ڪراچي جي لائيڊ انٽرنيشنل ڪمپنيءَ جي سي اي او عبدالبر جي فرياد تي مٿس فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جوابدارن هڪ بين الاقوامي فوڊ چين جي نالي تي فراڊ ڪيو آهي، هنن دبئي، عمان، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ جعلي ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪرايون هيون.