ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) پ پ جي ڊگهڙي مان چونڊيل ايم پي اي مير طارق ٽالپر چيو آهي ته ايل بي او ڊي کي ڪٽ ڏيڻ سان نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جو برساتي پاڻي جلدي نڪري ويندو،  ڪٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اهو پاڻي ڊسمبر تائين بيٺل رهندو، جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکي به نه ٿيندي، نارا ڪئنال جي ڊائريڪٽر منصور ميمڻ وزيراعليٰ سامهون ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪٽ ڏينداسين ته ٻن مهينن ۾  نڪرندڙ پاڻي هڪ مهيني ۾ نڪري ويندو،  ايل بي اوڊي  جو چيف انجنيئر  ظريف کهڙو وري چوي ٿو ته ڪٽ ضروري ناهي،  هن چيو ته ايل بي اوڊي واري ڪٽ سان ڪجهه ماڻهو، زمين  ۽ ٿرڪول وارو روڊ ضرور متاثر ٿيندا پر ٿوري نقصان سان وڏو فائدو ٿي سگهي ٿو ته اهو نقصان کڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته اسان جي علائقن مان پاڻي نڪرندو ته ماڻهو واپس پنهنجي گهرن ڏانهن اچي ويندا ۽ اهي ٻنيون پوکي پنهنجو گذر سفر شروع ڪندا، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هيل  زوردار برساتون پيون،  آبپاشي کاتو پنهنجو ڪم ڪري پيو،  هن چيو ته ڪجهه سم نالن جي مرمت نه ڪرائي وئي آهي، مٿان وري پاڻي نيڪال جي قدرتي وهڪري پراڻ ڍورو کي ايل بي او ڊي رڪاوٽ وڌي آهي، هاڻي ايل بي او ڊي جو پاڻي مٿي هجڻ ڪري پراڻ ڍوري جو پاڻي واپس اچي بيهي ويو آهي، هن چيو ته پراڻ ڍوري جي قدرتي وهڪري تي ڪٿي به ڪو قبضو ناهي، اهو پاڻي ڍوري ۾ وڃڻ سان نئون ڪوٽ، جهڏو، ڊگهڙي، ميرواهه گورچاڻي  ۽ ميرپورخاص تائين جو پاڻي نڪري ويندو، هن چيو ته ايل بي او ڊي انتظاميا ڪٽ نه ڏنو ته برساتي پاڻي ٽن مهينن تائين بيٺل رهندو، هن چيو ته  اسان جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته برساتي پاڻي کي جلد کان جلد نيڪال ڪيو وڃي، آئون پنهنجن ماڻهن سان گڏ آهيان، اڄ به انهي ڳالهه تي بيٺل آهيان ته ڪٽ هڻڻ سان پاڻي جلد نڪري ويندو، هن چيو ته احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي منهنجي ڪا پٺڀرائي ناهي، هن چيو ته ٽنڊوجان محمد ڀرسان جنهن شخص جي زمين مان سم نالو ڪڍڻو آهي انهي سان ڳالهيون هلن پيون، هن چيو ته برساتن ۾ متاثر ٿي ٿر ويندڙ  منهنجي تڪ جي ماڻهن جي ڪا مدد ناهي ٿي، مون ڪمشنر کي به چيو آهي ته انهن جي مدد ڪريو پر پوءِ به انهن جي ڪا مدد ناهي ٿي.  هن چيو ته آبپاشي کاتي جي ٽيم ڪٽ هڻڻ جي مخالفت ڪندي 15 آڪٽوبر تائين پاڻي نيڪال جو واعدو ڪيو آهي، اسان ڏسون ٿا ته پاڻي نڪري ٿو يا نٿو نڪري؟