معاشي پاليسي ناني وارا ڪن!‎‎

 

 

ناني نوران بينظير انڪم سپورٽ جو ڪارڊ کڻي شھر جو رخ ڪيو، رستي ۾ کيس ٻه ٺڳ مليا جيڪي نانيءَ جا ھمدرد ٿي گڏ ھلڻ لڳا، انھن کي پڪ ھئي پوڙھين وارا پئسا ھلن پيا، نانيءَ جو رخ اوڏانھن آھي، سو ناني کي چيائون ناني رستي ۾ ڪتو ڇتو ٿيو آھي، راڄ ڏاڙيو ويٺو آھي، تون فڪر نه ڪر، اسين اچن وڃڻ مھل تون سان گڏ ھونداسون، ناني به وار اڇا ڪي اُس ۾ نه ڪيا ھئا، چيائين ابا مون کي ڪورونا واري بيماري لڳل آھي، مون کان پري ٿيو متان جوانيءَ ۾ مارجي وڃو، ٺڳ به نه ڇڏ ٿي لڳا، نانيءَ اسان وٽ ماسڪ آھن، کيسي مان ماسڪ ڪڍي ٻوٿ تي چاڙي ورتائون، ناني به پاڻ بچائڻ جون تدبيرون سوچيندي سوچيندي شھر اچي پھتي، اتي سندس نظر ڪاڪي سپاھيءَ تي پئي، جنھن نانيءَ کي پروٽوڪول ڏيندي پنھنجي محرومين جو داستان کوليو، ناني توکي ته خبر آھي ته مھانگائي ڪيڏي آھي، پگھار مان پوري ڪو نه ٿي ٿئي پوءِ اوھان امڙين جا پئسا ھلن ٿا ته اسان جا قرض لھيو وڃن، نانيءَ جذباتي اعلان ڪري ڪاڪي سپاھي جو حق ڏيڻ تي آمادہه ٿي، ڊوائيس ھولڊر ڏانھن رش سبب پھچڻ ۾ ڏکيائيءَ جو منھن ڏسي رھي ھئي ته سندس سامھون دلال اچي نازل ٿيو، ناني 14 چڪر ڪنديئن پوءِ به پئسا نه نڪرندا، خرچي ڪراءِ دير نه ڪر، سو ناني اڳ ڪاوڙيل ھئي ڪاڪي سپاھي سبب دلال ڊوائيس ھولڊر سان ڊيل ڪري ڪجھ پئسا بچائي مھينن کان سانڊيل سورن جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ پھتي، جيڪو به تيار ويٺل ھو، ان به وسان نه گھٽايو، سيون، بوتلون، گوريون، شربت جيڪو وس ھيس پنھنجي فن جي پوري پوري وصولي ڪيائين. باقي بچيل پئسن مان گھر جو سودو سامان وٺڻ لاءِ سيٺ وٽ پھتي جنھن کي به خبر ھئي، پوڙھين وارا پئسا ھلن پيا، تنھن ناني جو پراڻي وڇڙيل مائٽ جيان پيار پاٻوھ مان استقبال ڪيو، سيٺ رپين جي جاءِ تي سو ورتائين سو جي جاءِ تي ٻه سو موڪلائي ٻي پوڙھي ڏانھن متوجهه ٿي ويو. ناني کي پراڻي نذر جو ڌاڳو ڦيڻو به ڪرائڻو ھو، ملين جي روزي ملين کي ملي، ناني ٿڪل ھئي، شاھي سواري رڪشا واري کي روڪي ڳوٺ ڇڏي اچڻ جو چيو، رڪشا واري سُر کنيو ته ناني تيل مھانگو آ، ھزار لڳنو نه ته تنھنجي مرضي. ناني پند وڃڻ جو سوچيو پي ته ٻي پوڙھي به گڏجي پيس، پنج پنج سو ڪري رڪشو ڪيائون، فاتحاڻي انداز سان ڳوٺ جي رستي تي ويون ٿي ته رستي ۾ لڪي ويٺل لاٺڙين ھڙون به فري ورتن باقي بتا ناني جا ڪن، گھر ننھن جا تانا پٽ به ڪاوڙيل، رياست جي عجيب پاليسي آھي. اربين رپيا سالھا سال ورھائجن پيا، ڪھڙو معاشي انقلاب آيو آھي، پينو سماج ٺاھڻ کان بھتر آھي ته خوددار نسل جي آبياري ڪريو، انھن پئسن مان ماڻھن جي مستقل بحالي روزگار جا ذريعا پيدا ڪريو.

 

الھڏنو راھمون/سجاول

بي آءِ ايس پي وارن جون نا جائزيون!

 

حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ جي پروگرام تحت جن جا گهر ڊهي پيا آهن، انهن جي مالي سهاتا لاءِ 25 هزار رپين جو اعلان ڪيو ويو آهي، جتي بي آءِ ايس پي سينٽر جي ٻاهران هزارين عورتن جي رش لڳل هوندي آهي ۽ اتي ڪنهن به سهولت جو نالو نشان ناهي، ٻئي پاسي هزارين اهڙا مستحق گهر آهن، جن کي ڪارڊ مهيا نه ڪيا ويا آهن، ڪجھ ڏينهن اڳ اخبار فروش علي اصغر ميراڻي جنهن جو تازين برساتن سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويو آهي، هن بي آءِ ايس پي سينٽر جا چڪر ڪٽي جڏهن ٿڪو ته هن پريس ڪلب تي پنهنجي ٻارن سميت احتجاج ڪندي روئي ويٺو ته مان مسڪين آهيان، منهنجو هن ڪمائي مان گذر سفر نٿو ٿئي، اسان بکن ڪاٽڻ تي مجبور آهيون پر اسان جي ڪا به واهر نٿي ڪئي وڃي، اهڙا سوين گهر آهن، اهي بي آءِ ايس پي سينٽر وارن جا ستايل آهن، هاڻي سوال اهو آهي ته هن وقت اهڙن بدحال سنڌين تائين اهي پئسا ڪيئن پهچندا؟ تنهن لاءِ حڪومت کي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ مستحقن جا ڪارڊ ٺاهي انهن تائين پئسا پهچايا وڃن.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

 

اسان کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي!

 

خدا جي رحمت يا زحمت واري صورتحال به ختم ٿئي هفتو ٿي ويو آ پر اڃا تائين غريب ماروئڙن جي گهرن ۽ گهرن ٻاهران فوٽن ۾ پاڻي بيٺو آ، مڇرن ته ويتر تباهي مچائي ڇڏي آ، ماڻهن توڙي جانورن کي کائي بيمار ڪري ڇڏيو اٿن. ڇا اسان ڌرتي تي رهندڙ وس وارن، ڪامورن، سياسي شخصيتن ۽ اهي ماڻهو جن جي ذمي ڪجھ فرض رکيا ويا آھن ڇا انهن جو فرض ناهي ته هو پنهجي فرض ۾ ذري برابر به ڪوتاهي نه ڪن يا وري اهي ان انتظار ۾ آهن ته مٿان ملائڪ ايندا ۽ اچي مدد ڪندا، نه ايئن هرگز ناهي، اسان کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي، تنهن کان پوءِ وڃي خدائي مدد حاصل ٿيندي. قرآن ۾ هڪ آيت آ جنهن جو مفهوم آ ته ان وقت تائين ان قوم جي حالت تبديل نه ڪئي ويندي جيسين تائين اها قوم پنهجي حالت پاڻ تبديل نه ڪندي. آيت مان اهو سبق ٿو ملي ته پهريان پاڻ ڪجھ ڪريو ان کان پوءِ خدا توهان جي مدد ڪندو. جيئن ڀٽائي فرمايو آھي ته “پاڻھي ايندم هوت، ڪجه آئون به اڳ ڀري ٿيان.” پر ڇو الائي اسان رڳو مدد جا منتظر آھيون؟ ڇا رڳو سنڌ ۾ برسات پئي آ، نه پوري دنيا ۾ برسات وسي ٿي، ڪٿي پورو سال ته ڪٿي مهينا برسات پوندي رهندي آھي،۔ جيئن ٿائلينڊ، آسام (ڀارت)، بنگلاديش ۽ ٻيا به کوڙ ملڪ آھن، جتي برسات لڳاتار وسندي رهندي آهي پر انهن وٽ پاڻيءَ جي نيڪالي جو نظام پائيدار هجڻ ڪري اهڙي مصيبت کي منهن ڏيو وڃن، اسان کي به اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي جو اهڙي صورتحال کي به منهن ڏيون ۽ ايندڙ وقت ۾ اهڙي صورتحال پيش نه اچي. هتي سوچڻ جي ڳالھ اها آھي ته اسان وٽ باصلاحيت ۽ قابل انجنيئر ناهن؟ جي آھن ته پوءِ انهن کي پنهجي صلاحيت کي پاڻ مڃرائڻ جو موقعو ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ ڇا صحت کاتي جو فرض ناهي ته هن ڏکئي وقت ۾ غريب عوام جي ڀلائي لاءَ چند ڪلاڪ وڌيڪ ڊيوٽي ڪري گوٺن ۾ وڃي مفت طبي ڪئمپ لڳائين، ڇا ڪنهن اداري جو فرض ناهي ته مڇرمار اسپري ڪرائي ان ناسور کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ ڇا ٽائون وارن جو فرض ناهي ته گهرن ٻاهران بيٺل پاڻيءَ جي نيڪالي جو اهڙو پائيدار حل ڳولي ڪڍن جو وري ڪڏهن به اهڙي صورتحال کي منهن ڏئڻو نه پوي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ ڊرينيج جو اهڙو فرسوده نظام آهي جو مينهن ته ڇا پر گهرن جو پاڻي به اٿلي اچي روڊن تي پوي ٿو، جنهن سان نوان ٺھيل روڊ اکڙيو پون. جنهن سان روڊس کاتي وارن جي پت وائکي ٿيو پوي. اسان وٽ موجود قابل ۽ باصلاحيت ماڻهن ۽ انجنيئرن کان ڪم ورتو وڃي جيئن سالن کان وٺي ناڪارا ڊرينيج جو نظام ۽ روڊن جو نظام بهتر بڻائي اسان پاڻ به ان مان لاڀ پرايون ۽ اسان جو ايندڙ نسل به ان مان نفعو حاصل ڪري سگهي.

 

عبدالوحيد سولنگي/نوشھروفيروز

 

شاهوڪار سنڌ واسي بي وسيءَ واري زندگي گهارڻ تي مجبور!

 

چوماسي جي ٻن مهينن کان وسندڙ برسات سبب پوري سنڌ هن وقت موهن جو دڙي جو ڏيک ڏيندي نظر اچي رهي آهي، هي خوشحال سنڌ جا ماروئڙا هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي دردن جا ڳوڙها ڳاڙيندي نظر اچي رهيا آهن، هنن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا فصل تباهه گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي خاندان فوت ٿي ويا، شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو بي وسيءَ واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، ۽ روڊن تي اچي ويا آهن، سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن تي اقتدار جا مزا وٺندڙ، سردار، وڏيرا، مير ۽ پير ڪٿي نظر نه پيا اچن. ڪو به تحرڪ نه پيو ورتو وڃي، ان مان ثابت ٿي ويو ته هي موسمي ڏيڏر رهزني تي لهي آيا آهن، سنڌ جو هي ڀيانڪ منظر ڏسي اکيون رت روئين ٿيون، موجوده حڪمران هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙايو ويو آهي، سموري سنڌ ۾ برسات سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، رليف ڪئمپن اندر خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن سبب ماڻهو مري رهيا آهن، گهڻو تعداد معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن جو آهي، برسات جو پاڻي بيهڻ ۽ چارو نه ملڻ ڪري چوپايو مال پڻ مري رهيو آهي. سنڌي قوم جيڪا ڪئمپن واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي، انهن کي مناسب کاڌ خوراڪ نه پئي ملي، ٻوڏ جي ڪري ڌنڌا روزگار ٺپ ٿي ويا آهن، هن وقت برسات متاثرن جي مدد جي ضرورت آهي ۽ سرڪار جي نااهلي تي آواز اٿارڻ گهرجي، برسات سٽيلن جي جيڪڏهن واهر نه ٿي ته رليف ڪئمپن اندر ماڻهو مرڻ کان بچي نه سگهندا، برسات جو پاڻي هنگامي بنيادن تي نه ڪڍيو ويو آهي.

 

ارشاد شيخ/مينهل آباد، لاڙڪاڻو

 

فقط گھر نه جنون جذبا ۽ حوصلا به ٻڏي ويا!

 

اڄ رات کليل آسمان ھيٺ ويٺل ستر سال عمر جي ڪنھن ٻوڏ ستايل پوڙھي امڙ سان ملاقات ٿي، کانئنس مون پڇيو امان ڏي خبر، گھر، ٻنيون، مال بچي ويون يا؟ اما منھنجي ڳالھ کي اڌ ۾ ڪٽيندي آلين اکين کي ڪنھن اگھندي مون کي چوڻ لڳي ته ابا فقط گھر ٻڏي ناهن ويا، اميدون، آسرا، جنون جذبا ۽ حوصلا به ٻڏي ويا آهن. ان پوڙھي امان جي چھري تي وکريل اداسيءَ کي ڏسي دل نه پي چيو ته ھن امان کان ڪي وڌيڪ سوال پڇيا وڃن، اهي سوال ھن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر هوندا پر وري به دل تي پٿر رکي پوڙهي امان کان وڌيڪ ڪجھ پڇڻ جي ڪوشيش ڪيم پر ھن ۾ پنھنجي درد ڀري زندگي جي داستان ٻڌائڻ جي سگھه نه ھئي. ان جي آلين اکين مان وھندڙ لڙڪن مان مون اھو اندازو لڳايو ھو ته جيڪڏهن ھڪ ٻه ڏينھن ھن جي ڪنھن سار نه لڌي ته خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو؟ امان سان گڏ بيماريءَ جي بستري تي پيل ٻن ويلن کان بکايل ٻن نياڻين جون اکيون گرم ماني لاءِ سِڪي رهيونهيون پر شايد ھنن جي نصيب ۾ ھڪ ماني جو گرهه به نه ھو، مون پنھنجي اکين سان ھي قيامت جھڙو منظر ڏٺو ته منھنجو ھانوءُ ڦاٽڻ تي لڳو ۽ مان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، راهه فرار اختيار ڪري منهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويس، پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين انهن جا چهرا منهنجي اکين جي اڳيان ڪنهن فلم جيان هلندا رهيا ۽ پريشان ڪندا رهيا.

 

شان سنڌي/کپرو

 

هي سڏڪا، آهون، سڏ ۽ پڙاڏا!

 

افسوس اي خدا غريبن جا سڏڙا تو ته ٻڌا پر ڌرتيءَ جي ديوتائن جي ڪنن تي جونءِ به نه سُري، پراڻ ندي جي قدرتي وهڪري تي قبضا ڪري فصل پوکڻ جو انجام، سانگھڙ، بدين ۽ خاص ڪري ميرپورخاص جي تعلقي جھڏي جي سڀني ڳوٺن جن ۾ خاڪي پير، روشن آباد، سمن سرڪار جي نگري ۽ هزارين سال پراڻي تاريخي ڳوٺ سائينداد علياڻي ۾  سيلابي پاڻي جي تباھ ڪارين قيامت برپا ڪري ڇڏي. جڏهن اسان قدرت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ته پوءِ قدرت به حرڪت ۾ اچي ويندي آهي، جڏھن قدرت بدلو وٺندي آھي، تڏهن ھر فرد لاوارث بڻجي تماشو ڏسندو آھي، بدين ضلعي جي ڪجھ زميندارن پاڻي جا قدرتي لنگھ بند ڪري قدرت سان ھٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نتيجي ۾ جھڏو تعلقو توڙي بدين ۾ تباهڪارين جا ذميوار نه رڳو حڪومت آهي پر ان گڏ اهي زميندار به برابر جا ڏوهي آهن جن پراڻ جي قدرتي وهڪري جو اصل لنگھ بند ڪري LBOD ۾ ڇوڙ ڪيو آهي. اهڙا هاڃا ٿيڻ کان پوءِ به الائي ڇو لاڙ جي پٽن جا محبتي ماڻھو اصل حل کي ڇڏي زيرو پوائنٽ کان ڪٽ لڳائڻ جو راڳ ڳائي رهيا آهن. جيڪڏهن اصل لنگھ جھڏي تعلقي ويجھو ڪوٽ مير جان محمد ڀرسان قدرتي وهڪري پراڻ کي بند ڏئي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان لنگھ کي کوليو وڃي ته زيرو پوائنٽ وارا ٻڏندا ۽ مجبور ٿي پراڻ جي اصلي يعني قدرتي وهڪري تان قبضا ختم ڪري ڇڏيندا.

 

ذوالقرنين علياڻي/ميرپورخاص

 

اچو ته سنڌ کي ٻيهر اڏيون!

 

اڄ هر جاءِ تي سڄي سنڌ کنڊر بڻجي چڪي آهي، هر پاسي ڄڻ ڪي جنگ جا منظر هجن، ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪکَ ڇڏي دربدر بڻيل آهن ۽ جنگ جيان انهن کي ڪير پڇ وارو به ناهي ته توهان ڪير آهيو؟ توهان جي ڏک ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون، پر ڀوتار اڃا بچيل سنڌ کي انهن گشت ڪندڙ سپاهين جيان شڪي ماڻهن جي مٿان گوليون وسائي پاڻ کي خطري کان پاڪ ٿيڻ جي آٿت ڏيندي اڳتي وڌندا ويندا آهن، دشمن هڪ به ناهن ڇڏيندا، اڄ سنڌ سان چونڊيل نمائندن اهو ولن وارو ڪم ڪيو اٿن، اڄ سنڌ انهن لاءِ خزانو بڻجي وئي آهي پر ان خزاني کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندن جانين جا نظرانا کپن، اهي اڄ مسڪين مارو ڏين پيا. ڇا اڄ سنڌ جا ماڻهو هن اذيتناڪ ويڌن مان سکي ٻيهر هڪ امن پسند سنڌ کي اڏيندا يا اهي ئي ساڳيا حال هوندا پر ماڻهن جي غم ۽ تڪليف کي ڏسندي ايئن لڳي ٿو ته هاڻي سنڌ انهن ڀوتارن کان بلڪل باغي ٿي وئي آهي پر اسان کي پنهنجن قومي ادارن تي ويساهه ناهي رهيو، جيڪي هميشه عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻندا رهن ٿا. خدارا اڄ توهان جو وقت آهي، عوام جو ساٿ ڏيو، انهن توهان کي ان جاين تي آندو آهي ماڻهو جانورن جيان بندن تي پاڻي، مڇرن ۽ بک جي آسري کلئي آسمان هيٺ 60 لک ماڻهن مان صرف سوا لک ماڻهن کي محفوظ ۽ ٽينٽ ۽ راشن ڏنو ويو آهي، خدارا وڏي انساني علميي ٿيڻ کان سنڌ کي بچايو وڃي نه ته هن ٻوڏ ۾ هزارين ماڻهن جي جانين کي نقصان رسڻ وارو آهي، ڇاڪاڻ ته هن موسم ۾ مڇرن جو آزار هوندو آهي ۽ مٿان ٻين برساتن جو سلسلو به ٻڌايو پيو وڃي. جيڪي شايد باقي بچيل ڪسر به نه ڇڏي، ڇاڪاڻ ته سياستدان هن وقت به پنهنجي ڪرسيون بچائڻ واري سياست ڪرڻ ۾ پورا آهن.

 

مظفر لغاري/ٽنڊو الهيار

 

خيمن جا خاموش ڏينهن ۽ راڪاس بڻيل راتيون!

 

سج لهڻ کان اڳ ۽ پوءِ رات ٿيڻ تائين ڪافي وقت خيمي ۾ ويٺو رهيس ڇو ته اتي منهنجا مائٽ به رهيل هئا، ڪل خيما 35 هئا. تاريخي جڳھ ريلوي اسٽيشن بدين ڀرسان برسات متاثرن لاءِ پاڪ رينجرز جي مدد سان قائم ڪيل اين ڊي ايم جي مونوگرام واري اڇي خيمي ۾ حال احوال اوريندي دل خيالن جي ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي. هن خيمي بستي ۾ هندو، مسلم ۽ عيسائي ڪميونٽي جا ٻوڏ ستايل ماڻهو رهندڙ آهن. هنن ٻڌايو ته 31 آگسٽ کان اسان هن بستي کي آباد ڪري پنهنجا اڻپورا خواب اُڻون ٿا، ٻيهر پنهنجن اجهن کي آباد ٿيڻ جي آس سندن اکين ۾ رات ويلا به جگنو جيان ٻرندي ۽ اُجهامندي رهي ٿي. رات جي سانت کي ماچيس جي تيلي هڻي هلڪڙي ٺڪا سان هن ٽوڙهي وڌو، سادي سگريٽ جو ڪش هڻي چوڻ لڳو، هاڻ ته پاڻيءَ جو تصور به ٻوڙيو وجهي. موضوع بدلائيندي هن کان پڇيم کاڌي ۾ ڇا ٿو ملي؟ وراڻيائين، ٻه وقت منجھند ۽ رات جو جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ رفعت نويد راجپوت طرفان برياني کارائي ٿي وڃي. فلاحي ادارن ۽ سرنديءَ وارن طرفان صاف پاڻي ڏنو وڃي ٿو. بس پيٽ جي پُوڄا ٿيو وڃي. ايترو چئي هو خاموش ٿي ويو. خيمي ۾ موجود ڀڳت سورچند کي چيم، تنهجي گھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي ۾ بيٺل MPA صاحب جي نڪتل تصوير به توسان همدردي ۽ محبت جو اظهار ته هو، تنهن ڪري دلجاءِ ڪر، تيل جي پرچي جلدي ملي ويندي جيئن گهرن مان پاڻي نڪري پوي ۽ پنهنجن اجهن ۾ واپس موٽي وڃو. اڄ به سندن پاڙي ۾ ٻه موٽرون موجود هيون پر 24 ڪلاڪن ۾ ٻنهي موٽرن لاءِ 10 ليٽر تيل ملي ٿو سو به وڏي مٿاڪٽ ۽ منٿن بعد. ضرورت ان ڳالهه جي آ ته گهرن مان فوري پاڻي ڪڍرائي ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن مهينن جو راشن ڏئي پنهنجن اجھن ڏانهن موڪليو وڃي. 2011ع واري ٻوڏ ۾ ان وقت جي حڪومت طرفان “وطن ڪارڊ” ذريعي روڪ رقم جو بهترين ۽ ڪامياب پروگرام ڏنو ويو هو، هن وقت به وطن ڪارڊ جاري ڪري متاثر خاندانن کي معقول رقم ڏئي مدد ڪئي وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏنل 25 هزارن واري امداد تمام ٿورن خاندانن تائين محدود آهي، جڏهن ته لکين متاثر امداد کان محروم آهن. وزيراعظم شهباز شريف کي جامع حڪمت عملي جوڙي ملڪ جي برسات متاثرين جي مدد لاءِ وطن ڪارڊ ذريعي مناسب رليف ڏئي تاريخ ۾ ياد رکڻ جهڙا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي عالمي دنيا کي ڪيل اپيل تي گڏيل قومن جي ڪافي ميمبر ملڪن پاڪستان جي هن ڏکي گهڙي ۾ زبردست مالي مدد ڪئي آهي، اميد ته PDM مصيبت سَٽيل ماڻهن جي سٺي مدد ڪندي.

 

وڪيو راڄواڻي/بدين

شھدادپور بخاري محلي ۾ زال مڙس جا جھيڙا ۽ متاثر ٻار!

 

 

ھتي ذڪر شھدادپور جي بخاري پاڙي ۾ رھندڙ يعقوب ڪنڀار ۽ سندس زال ٻارڙن جو ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿي ته گھر ۾ جڏھن مرد ۽ عورت جو جيڪڏھن ھڪ ٻئي سان بھتر رويو رھي ته يقينن سندن پيدا ٿيندڙ ٻارڙا به ذھني ۽ تربيتي طور کانئن گھڻون ڪجھ سکي سگھن ٿا، ڇو جو ٻارن جي شروعاتي پالنا، پنھنجي والد ۽ والده مطلب گھر کان ٿئي ٿي پر ايئن به نه ھجي ڪنھن زال ۽ مڙس جا روزانون ٿيندڙ ذاتي فَساد جن کي ڏسي معصوم ٻار مايوس ٿي وڃن ٿا، زال ۽ مڙس جا مختلف وقتن تي ننڍڙا تضاد ته ڪو مسئلو ناھي پر اھي تضاد جڏھن وڌي ضد جي شدت اختيار ڪندا آھن، تڏھن سندن ٻارڙا مڪمل احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويندا آھن، نتيجي طور ٻارڙن جي ذھن ۾ اسڪولي ھوم ورڪ بدران سندن ذھن ۾ گھر ۾ ٿيندڙ ماءُ پيءُ جي اڻبت سندن دماغ ۾ ھڪ فلم جو سين بڻجي ڪيترائي تصور ٺھي پوندا آھن! ٽي ڏينھن اڳ اکين اڳيان ھڪ مختصر ڪلپ گذريو، جيڪو شھدادپور جي بخاري پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ وڏي عمر جي شخص نالي يعقوب ڪنڀار ڏانھن سندس معصوم نياڻي ماءُ کي ڇڏي سندس پيءُ جو سايو اچي بڻجي ٿي، ھڪ ماءُ جڏھن گھر يا مڙس کي ڇڏي ٿي يا وري مڙس پاران گھر کان تَڙي ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪي به انھن جا ذاتي جھيڙا ھجن ٿا پر ڪا معصوم نياڻي سوشل ميڊيا تي بيان ڪري ٻڌائي ٿي ته سندس ماءُ کيس پنائڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ظاھري ڳالھ آهي اھي معصوم ٻار پيءُ جو سايو بڻجندا، پيءُ جي ئي حمايت ڪندا، ساڳئي ڪلپ ۾ معصوم نياڻي جو پيءُ به ڳالھائي ٿو، چوي ٿو ته سندس ٻارڙن کي ھو خوش ڏسڻ چاھي ٿو، جيڪا نياڻي وٽس اچي ٿي ان تي پاڻ خوشي ڏيکاري ٿو پر جيڪي ٻار سندس زال وٺي وڃي ٿي ھو انھن کي به بغير ماءُ جي سندن پالنا جو سوچي ٿو! مقصد ته جيڪي ٻارڙا گل ھجن ٿا ڪڏھن ايئن به ٿيندو آھي جو ڪٿي جڏھن زال ۽ مڙس جا پاڻ ۾ جھيڙا ٿيڻ بعد جڏھن ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويندا آھن، تڏھن به لوڙيندا وري معصوم ٻارڙا آھن جيڪو انتھائي ڪِريل عمل آھي. زال مڙس وچ ۾ ڪيترا به مسئلا ڇو نه ھجن پر معصوم ٻارڙن تي اھو اثر ھرگز نه ھئڻ گھرجي، جنهن ورتاءَ سبب ٻارڙا نه رڳو ذھني اَذيتن کان بچي سگھندا پر ٻنھن طرفن کان سندن خيال رکڻ سان جسماني طور به تندرست رھي سگھن ٿا.

 

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان