26 ترميم، مينڊيٽ واپس ۽ ساٿين جي آزادي:عمران فيصلائتي تحريڪ جو سڏ ڏئي ڇڏيو، 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان

0
34
عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيسن جو انگ 79 ٿي ويو
عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيسن جو انگ 79 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي باني  26 هين ترميم، مينڊيٽ جي واپسي ۽ گرفتار ساٿين جي آزادي لاءِ نيٺ فيصلائتي تحريڪ جو سڏ ڏيندي 24 نومبر تي اسلام آباد لانگ جو اعلان جو اعلان ڪري ڇڏيو.  سندس چوڻ آهي ته مستقبل لاءِ فيصلي جو وقت اچي ويو، عوام قانون جي پاسداري ۽ نوجوانن جي مستقبل لاءِ روڊن رستن تي نڪري، هاڻي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.  اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني اسلام آباد مارچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر هن ڪميٽي جا نالا ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته پوءِ انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان چيو آهي ته احتجاج جو مرڪز 24 نومبر تي اسلام آباد هوندو، احتجاج سڄي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪيو ويندو، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ختم نه ٿيندو. فيصل چوڌري موجب پي ٽي آءِ جي باني چيو ته هي احتجاج جو آخري سڏ آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ٿا ته 26هين ترميم واپس ورتي وڃي ۽ اسان جو مينڊيٽ واپس ورتو وڃي، بغير ڪنهن ڪيس جي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي سموري قيادت احتجاج ۾ نڪرندي، سموري پارٽي کي خبر آهي ته ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي، جڏهن ته احتجاج ختم ڪرڻ جو اختيار هڪ ڪميٽي کي هوندو.