پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاران 26هين ترميم۽ آئيني بينچ خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق

0
23
پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاران 26هين ترميم۽ آئيني بينچ خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق
پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاران 26هين ترميم۽ آئيني بينچ خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 26هين آئيني ترميم، نئين قانونسازي ۽ 7 رڪني آئيني بئنچ جي قيام کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ سمورين مخالف ڌر کي گڏيل پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ ۽ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

جي يو آءِ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان جي گهر تي پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد قيصر، فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ۽ حسين آخوندزاده وچ ۾ اڍائي ڪلاڪ ملاقات کانپوءِ جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري ۽ پي ٽي آءِ جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري سيد حسين آخوندزاده گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

جميعت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. هنن چيو ته اسد قيصر ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومتي واعدن جي ڀڃڪڙي تي خدشا جو اظهار ڪيو آهي

اسلم غوري پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي تازي رويي کي جمهوريت مخالف قرار ڏيندي چيوته  جعلي مينڊيٽ سان اسيمبلي جي قانونسازي کي رد ڪريون ٿا

حسين آخوندزاده چيو ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ ۽ جيل ۾ قانوني سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اسلم غوري چيو ته جيڪڏهن باني تحريڪ انصاف جي آزادي قانون موجب ٿئي ٿي ته ضرور ٿيڻ گهرجي. ڪيسن مٿان ڪيس نه ٺهڻ گهرجن، جڏهن اسلم غوري کان پڇيو ويو ته جنهن آئيني ترميم کي جي يو آءِ ووٽ ڏنو ان جي نتيجي ۾ آئيني بينچ ٺهي آهي

هن چيو ته اسان اصل مسودي کان گهڻو ڪجهه ڪڍرايو. جڏهن ڳالهيون ٿينديون آهن ته ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پرڏيهه دوري تي وڃي پيو واپسي تي مخالف ڌر کي سپورٽ ڪندو، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر گڏجي جدوجهد ڪنداسين