لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان لانگ مارچ کي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي 26 نومبر تي پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ اسٽيبلشمينٽ ملوث نه هئي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ گذريل ڏينهن راوت پهتو جتي پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور کان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. عمران خان چيو ته هاڻ 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، آئون پاڻ پهچي اڳواڻي ڪندس،  پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني ان ڏينهن پنڊي پهچن، آئون قوم کي چوان ٿو ته هي وقت گهرن ۾ ويهڻ جو ناهي ڇاڪاڻ ته گهرن ۾ ويهڻ سان تبديلي نه ايندي، غلامي کان موت بهتر آهي، هن چيو ته مڃون ٿا منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسٽيبلشمنٽ سازش نه ڪئي پر هنن کي چورن جي خبر هئي کين روڪي ته سگهيا پئي پوءِ  هنن کي وري ڪيئن مسلط ٿيڻ ڏنو ويو. هنن ڪجهه ته سوچيو هوندو جو چورن کي واپس اچڻ ڏيندا. شايد هنن ۾ هنن کي ڪا شي نظر آئي هجي جيڪا مون کي نظر نه آئي هئي. سڄي قوم کي چوان ٿو ته توهان نيوٽرل نه ٿا ٿي سگهو. هن وقت پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون آهي. سينيٽر ۽ وڪيل نڪتل آهن احتجاج ڪن پيا، ارشد شريف جي والده کي ڪميشن تي اعتماد ئي نه آهي. مون تي حملي جي ايف آءِ آر ڪاٽي وئي جيڪو مذاق آهي. حملو ڪندڙ پاڻ ئي اڪيلو هجڻ جو اعتراف ڪري سازش جو شڪ پيدا ڪيو.اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته مان اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، عمران خان چيو ته جيترا به طاقتور حلقا آهن انهن کي چوان ٿو ته ڪنهن کان به پڇي وٺو ڪو به اهو نه چوندو ته صاف شفاف چونڊن کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هنن وٽ ڪو به روڊ ميپ نه آهي. سڄي قوم اچي صاف شفاف چونڊن جو مطالبو ڪندي، اسان جي تحريڪ ان کانپوءِ به جاري رهندي. اسان چاهيون ٿا ته هتي ٿاڻي ۽ عدالت جي سياست نه ٿئي اسان رڍون ٻڪريون ٿي ماٺ ڪري نه ويهنداسين. هاڻ توهان سان پنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، سندس چوڻ هو ته مون کي بلاول جو سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي، بلاول ڳوليندو وتندو ته بابي چوري جا پئسا ڪٿي ڪٿي رکيا آهن، افسوس جو ڀارت جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو مثال ڏيڻو ٿو پئي، روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا اڳ ۾ ڀارت سان ڪاوڙيو پوءِ راضي ٿي ويو.