لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم ذريعي حڪومت عدليه تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن خلاف عدالت وڃڻ لاءِ وڪيلن سان مشاورت قطعي مرحلي ۾ آهي ۽ اها اڄ نه ته سڀاڻي ختم ٿي ويندي. منصوره ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي ائيني ترميم کي عدالت ۾ چيلينج ڪندي، پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري معيشيت ۾ بهتري جي دعويٰ ڪوڙ آهي پوري حڪومت ئي ڪوڙ تي بيٺل آهي. پيٽرول جي اگهه ۾ فوري طور تي 100 رپيا گهٽايو