ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ پ پ سٽي جي صدر تاج محمد ورياھ پاران 26 ترميم منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، جهانگير جوڻيجو، جاويد ناياب لغاري، جاويد شورو، غلام مرتضيٰ جوڻيجو، خادم رند، ذوالفقار زرداري، شھلا نوشاد بلوچ، ريحانه چانڊيو، وقار قادر جوڻيجو، اورنگزيب ٿهيم، وسيم شيخ سميت جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي 1973 جو متفقه آئين ڏنو، هاڻي وري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد سان 26 هين آئيني ترميم منظور ٿي آھي، هنن چيو ته 26 ترميم بعد پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي آھي، آئيني بينچ ٺھڻ سان آئيني مسئلا جلدي حل ٿيندا، جنهن جو ملڪ کي فائدو پهچندو.