حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي باني، اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بارايسوسيئيشن انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي 7 ورسي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي ٽيم عاصمه جهانگير جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ علي عاجز، شهزاد صديق منگڻيجو، آڪاش ڀرگڙي، صباحت لغاري ۽ ٻين چيو ته عاصمه جهانگير انساني عظمت، مهذب سياست ۽ قانون جي حڪمراني واري پنهنجي اصول تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هن جو اجتماعيت، سهپ ۽ روشن خيالي ۾ پختو يقين هو. توڙي جو جمهوريت بحال به ٿي وئي پر تنهن باوجود به هو وڌيڪ جمهوريت ۽ سٺي حڪمراني لاءِ جهيڙيندي رهي. هن جي انتهائي شاندار جدوجهد جبري پورهئي ۽ هارين کي جبري طور قيد ۾ رکڻ جي خلاف هئي. هن ٻارڙن جي جبر ۽ کين جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف جدوجهد جي سرواڻي ڪئي. هنن چيو ته عاصمه جهانگير عالمي سطح تي هن ملڪ جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. سندس انساني عظمت ۽انساني حقن جي مڪمل بحالي وارو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ماڻيندو. هنن چيو ته وڪالت جي شعبي ۾ هر ڇوڪري کي عاصمه جهانگير ٿيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ عدالتن ۾ به طوائفن جهڙو ورتا ٿئي ٿو. هو جنرل ضياءَ جي ڊگهي ظلم ۽ جبر واري دور ۾ چٽي نموني منظر تي نشانبر ٿي بيٺي ۽ هر قسم جي جبر جو مقابلو ڪيو. هنن چيو ته 26 آئيني ترميم ڪارپورٽنگ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف تمام جلد آل سنڌ لائيرز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو. هنن چيو ته هو پاڪستان جي پهرين هيومن رائيٽس ڪميشن جي شريڪ باني نه هجي ها، 2 هزار پنج جي لاهور ۾ عورتن جي پهرين ميراٿن ڊوڙ تي لاٺي چارج کانپوءِ اوڀر جي قدرن جي محافظ پوليس هٿان نه گهلي وڃي ها ۽ سندس چولو ليڙون ليڙون ٿيڻ کانپوءِ نعرا هڻڻ کان مُڙي وڃي ها.