اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عادل بازئي نااهلي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پارلياماني پارٽي جي هدايت تي قومي اسيمبلي جي ميمبر عادل بازئي کي 26هين آئيني ترميم دوران ووٽ نه ڏيڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.23 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر لکيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني اليڪشن ڪميشن عادل بازئي کي متفقه طور تي نااهل قرار ڏيندي سندس سيٽ کي به خالي قرار ڏنو ويو آهي. لکت ۾ جاري فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي رڪارڊ موجب عادل بازئي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويو، عادل بازئي آئيني ترميمن وقت پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پارلياماني پارٽي جي هدايتن تي ووٽ نه ڏنو. عام چونڊن ۾ اين اي 262 ڪوئيٽا 2 تان عادل بازئي آزاد حيثيت ۾ چونڊيو ويو. چونڊجڻ بعد عادل بازئي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيو، 26هين آئيني ترميم دوران پارٽي هدايتن موجب ووٽ نه ڏيڻ تي نااهلي جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو.