26نومبر واقعا: وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪي پي ۾ بحث: ايپڪس ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن ها: گنڊاپور

0
31
26نومبر واقعا: وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪي پي ۾ بحث: ايپڪس ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن ها: گنڊاپور
26نومبر واقعا: وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪي پي ۾ بحث: ايپڪس ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن ها: گنڊاپور

اسلام آباد: ايپڪس ڪاميٽي اجلاس، 26 نومبر واقعن تي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪي پي ۾ بحث، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ 26 نومبر جي واقعي جو ذڪر ڪيو. ذريعن موجب وزيراعظم احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، وزيراعظم پي ٽي آءِ مٿان تنقيد ڪئي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وزيراعظم جي موقف کي رد ڪندي چيو ته 26 نومبر جي واقعي ۾ درجنين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي احتجاج واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته 26 نومبر تي ايڏو وڏو سانحو ٿيو، وزيراعظم جو ائين چوڻ مناسب ناهي ته اسلام آباد ۾ فائرنگ نه ٿي هئي، هن فورم تي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪي خدشا آهن ته انهن تي ڳالهائڻ گهرجي، 13 شهيدن جِي تصديق ٿي چڪي آهي، انصاف گهرندا رهنداسين، هن چيو ته دهشتگردي جي ذميواري ڪنهن ٻئي تي مڙهڻ بدران حل جو سوچڻ گهرجي، اهو گڏيل مسئلو آهي، امن امان لاءِ آخري حد تائين وينداسين، جن جي ذميواري سرحد پار کان ايندڙ ماڻهن کي روڪڻ آهي، اُهي ذميواري پوري ڪن، اسان به ساڻن گڏ آهيون، افغانستان سان ڳالهين باوجود هتي گروپ اچي رهيا آهن، اسان کي جرڳي وسيلي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، پي ڊي ايم ون ۽ ٽو جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي آهي، سيڪيورٽي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان اوليت آهي، اُن لاءِ گڏجي ڳالهائينداسين.