ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، تعليم کاتي ۾ ماسترن جي ڀرتي لاءِ مارڪون گهٽائڻ تي سخت تنقيد اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن جي نشاندهي، پ پ ميمبرن تنقيد رد ڪندي بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 55 منٽ دير سان قائم مقام اسپيڪر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. دعا جي وقفي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه تي هير سوهو، شميم ممتاز، نصرت سحر عباسي ۽ ٻين دعا ڪرائڻ جي اپيل ڪئي. بلوچستان ۾ مزدورن جي قتل بابت به ايوان ۾ دعا ڪرائي وئي. ٽئين ڏينهن به بجيٽ تي هلندڙ بحث ۾ حصو وٺندي پ پ ايم پي اي شير محمد بلالاڻي چيو ته ٿر ۾ زمين آباد ڪرڻ وارن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، ٿر ۾ مالوند گهڻا آهن، ا نهي ڪري  هر يو سي ۾ وٽرنري سينٽر قائم ڪيا وڃن. پي ٽي آءِ جي رابعه اظهر نظامي چيو ته صوبي ۾ تعليم تي اربين رپيا خرچ  ڪرڻ باوجود 13 ملين ( سوا ڪروڙ )ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ، جڏهن  17 لک ٻار زمينن تي پورهيو ڪن ٿا، هن وقت 4500  اسڪول بند آهن، يونيسيف سنڌ کي  ڪرپشن جو شڪار صوبو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته 50 مان رڳو 25 هزار استاد ميرٽ ڀرتي ڪيا ويا،  معياري اميدوار  نه ملڻ تي پاسنگ مارڪون گهٽايون ويون آهن. جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر چيو ته  ملڪ ۾ مهانگائي آهي، پاڻي کوٽ سبب فصل تباهه ٿيا آهن، ماڻهو بک پيا مرن. بجيٽ اجلاس ۾ سڀ وزير غائب آهن، هن چيو ته  سنڌ ۾ 145ترقياتي منصوبا ناقص آهن، اها رپورٽ اوهان جي ادارن ڏني آهي 83 ڪروڙ جي ڪڻڪ غائب آهي. ٿر ۾آر او پلانٽن تي  104 ارب خرچ ٿيڻ باجود ٿرين کي مٺي پاڻي جو گلاس به نه مليو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي شاهانه اشعر چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ آهي،  عوام کي ٽينڪرن مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ت. پي ٽي آءِ ايم پي اي جمال صديقي چيو ته 14 سالن کان بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي پر نتيجو  ٻڙي آهي. بجيٽ مان صوبي جي عوام کي ڪو فائدو نه ٿيو  ۽ نه ئي صوبي جي تقدير بدلجي سگهي آهي. هن چيو ته ميرپورخاص يونيورسٽي ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ڪٿي آهن ؟  پ پ ايم پي اي هير سوهو چيو ته الزام لڳائيندڙ پنهنجي 4 سالن جي ڪارڪردگي ٻڌائين، اسان کان ٻن مهينن جي ڪارڪردگي جو حساب گهريو  پيو وڃي ايم ڪيو ايم جي غلام جيلاني چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ وارن ڪراچي جي عوام کي صرف لالي پاپ ڏنو، هن چيو ته  اسان جو پاڻي ڊي ايڇ اي کي ڏنو پيو وڃي  ايم ڪيو ايم ايم پي اي عديل شهزاد چيو ته دنيا جو نااهل ترين ادارو  ڪراچي واٽر بورڊ آهي، ماڻهو بجلي، روڊ ۽ پارڪ نه  پر پاڻي گهرن ٿا پي ٽي آءِ ايم پي اي رابسته خان چيو ته  سنڌ ۾ باجاري سسٽم هلي رهيو آهي، جنهن تي ايوان ۾ گوڙ ٿيو،  رابستان ڳالهه جاري رکندي  چيو ته صبر ڪريو، اڃا  ته بوسٽر ڊوز به ڏيڻو آهي، پ پ ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي چيو ته  سجاول  ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهن جا فصل تباهه آهن پي ٽي آءِ ايم پي اي راجا اظهر چيو ته دعا ڀٽو سان پيش آيل واقعي تي ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو ، ادي شهلا رضا مان اميد هئي پر هن به مذمت نه ڪئي. هن معاملي تي قدم نه کنيو ويو ته اڳتي ڪجهه وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اجلاس ۾ رابعه نظامي چيو ته دعا ڀٽو جي پوتي لاهڻ واري واقعي کي هفتو ٿيڻ باوجود ذميوارن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، جنهن تي  ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته مايوس نه ٿيو، هينئر کان ئي مايوس ٿيڻ سٺو ناهي. رابعه نظامي چيو ته اوهان ايم پي اي رياض شيرازي کان  معافي وٺرايو ها جنهن  عورت جو رئو لاٿو. جنهن تي شاهه حسين شاهه شيرازي چيو ته  دعا ڀٽو واقعي ۾ شيرازين جو نالو استعمال ڪيو ويو، اسان عزت وارا ۽ نياڻين وارا آهيون، اسان معاملي ۾ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان تي پوتي لاهڻ وارو  الزام اجايو آهي