ڪراچي(دلچسپ نيوز) 25 ڪروڙ سال اڳ فنا ٿيل جاندارن جي باقيات هٿ اچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي مختلف هنڌن تان ماهرن کي فاسلس هٿ آيا، سائنسدانن پاران انهن تي ڪيل تحقيق بعد اهم انڪشاف سامهون آيو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ 20 لک سال اڳ جاندارن جووڏوانگ فنا ٿي ويو هو. هنن موجب معمول کان ڇهوڻي وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿي هئي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس خارچ ٿيڻ سبب 90 سيڪڙو جاندار مري ويا هئا جن ۾ زمين تي ريڙهيون پائيندڙ جانورن جو وڏو انگ شامل هو.