لاهور(م ڊ) پنجاب جي گهرو وزير 25 مئي تي پي ٽي آءِ جي ريلي تي تشدد جا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪارروائي لاءِ پوليس کي هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيندي پوليس کان سخت پڇاڻو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪرنل (ر) محمد هاشم ڊوگر چيو ته هڪ مهينو گذري ويو آهي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت اچي وئي آهي پر ڪنهن هڪ به شخص جنهن 25 مئي ته قانون پنهنجي هٿ ۾ کنيو خلاف ايف آءِ آر سڄي پنجاب ۾ داخل نه ٿي آهي. جيڪڏهن سڀاڻي (اڄ) منجهند ٻه وڳي تائين ڪارروائي نه ڪئي وئي ته آئون ذاتي طور تي پڇاڻو ڪندس.