مشيگن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص خاص نمبر سان 17 ڪروڙ رپين (6 لک 26 هزار 575 ڊالر) کان وڌيڪ ماليت جي لاٽري کٽي ورتي آهي، آمريڪي رياست مشيگن جي شهر لامازو سان تعلق رکندڙ 57 سالن جي شهري (جنهن سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي) 29-27-10-07-03 جا سمورا پنج نمبر لاٽري ۾ وڪڻي لاٽري کٽي ورتي، سندس چوڻ هيو ته هن نمبر جو اهو سيٽ خاص تاريخن سان ٺاهيو آهي ۽ ان کي 25 سالن کان استعمال ڪري رهيو آهي، سندس زال قرعه اندازي بعد ٽڪيٽ چيڪ ڪيو ۽ فوري طور کيس جاڳائي اها خبر ٻڌائي، جڏهن زال چيو ته انعام نڪري آيو ته کيس يقين نه آيو، لاٽري جي کٽندڙ تازو ئي پنهنجو انعام حاصل ڪيو آهي، جنهن کي اهو گهر جي مرمت ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گهر وارن تي خرچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.