اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت اجمير شريف حاضري جي لاءِ پاڪستاني زائرين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيون آهن، مذهبي مامرن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 488 ماڻهن جا پاسپورٽ موڪليا ويا هئا، صرف 249 زائرين کي ويزائون جاري ڪيون ويون آهن، 238 زائرين اجمير شريف جي حاضري کان محروم رهجي ويا، زائرين جي سار سنڀال لاءِ 6 آفيشلز مان صرف هڪ کي ويزا جاري ڪئي وئي آهي، اجمير شريف جي سڀني زائرين کي ميسيج ذريعي اطلاع ڪيو ويو آهي، ويزا مليل زائرين کي لاهور پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پاڪستاني زائرين اجمير شريف حاضري جي لاءِ اڱاري ڏينهن ڀارت روانا ٿيندا.