لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت چيو آهي ته 24 نومبر تي اسان اهو ئي ڪنداسين جيڪو دهشتگردن خلاف ڪندا آهيون، پي ٽي آءِ وٽ پلان اي، بي ۽ سي آهي ته رياست وٽ سموري اي بي سي آهي، سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري جون لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪا ريلي اسلام آباد وٺي آيو، ان تي 81 ڪروڙ رپيا لڳا، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ 4-4 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، جعلي وڊيو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا سيل جا ماڻهو ملوث آهن، دعا آهي ته ڪيس ۾ جلد کان جلد انصاف ٿئي، لاهور هاءِ ڪورٽ عظميٰ بخاري جي جعلي وڊيو ڪيس ۾ بابت ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت خارج ڪري ڇڏي.