نيويارڪ(دلچسپ نيوز) عمارت کي باهه لڳڻ سبب ٻلي جان بچائڻ لاءِ 5 ماڙ تان ٽپ ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ايلي نوئي ۾ شڪاگو جي فائر فائٽرز هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن کي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ گهڻ ماڙ عمارت کي باهه لڳل آهي ۽ ٻلي جان بچائڻ لاءِ فليٽ مان ٽپ ڏئي ڇڏيو، پنجين ماڙ جي فليٽ مان ٽپ ڏيندڙ ٻلي زمين تي هيٺ ڪرڻ باوجود بلڪل محفوظ رهي ۽ کيس ڪوبه زخم نه پهتو، ٻلي بعد ۾ وري عمارت ۾ واپس وڃڻ لڳي پردونهين سبب وڃي نه سگهي، ٻلي جي ٽپ ڏيڻ واري اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو کي ڪجهه منٽن ۾ ئي لکين صارفين ڏسي ورتو جڏهن ته صارفين پاران ان تي دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻلي ٽپ هڻڻ بعد اڏامندي هيٺ آئي جنهن سبب اهو منظر ڪنهن فلمي سين وانگر لڳي رهيو هو. اها وڊيو ان وقت رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن فائر فائٽرز عمارت ۾ باهه وسائڻ لاءِ پهتا ته هڪ فائر فائٽرز ان منظر کي پنهنجي موبائل فون ۾ رڪارڊ ڪري ورتو.