ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ   متحده جي سنڌ ۾ 23 هزار کان وڌيڪ سرڪاري نوڪرين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙڻ واري استدعا رد ڪندي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران متحده جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته عوامي مفادن جو ڪيس آهي، انهي ڪري درخواست جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي وڃي، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته فل بينچ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪئي وڃي، اسان کي پهريان اهو ڏسڻو آهي ته درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه؟ جنهن تي متحده جي وڪيل چيو ته درخواست تي اسٽي جاري ڪرڻ وقت عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ جو جائزو ورتو هو، عدالت اهڙن دليلن تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي متحده جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اسان توهان جي رويي سبب درخواست رد ڪري سگهون ٿا، هي ڪو ذاتي معاملو ناهي، اوهان ايترا جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو؟ آءِ بي  اي سکر  جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار 5 کان 15 گريِڊ جي نوڪرين لاءِ پاليسي جوڙي اسڪريننگ جو شرط رکيو آهي، عدالت سوالن دوران مداخلت تي آءِ بي اي سکر جي وڪيل تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته واري واري سان سوالن جا جواب ڏنا وڃن، هي ڪنهن جو ذاتي مسئلو ناهي، آءِ بي اي سکر جي وڪيل چيو ته صوبي ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ 11 لک 52 هزار درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن، اسٽي سبب اسڪريننگ جو عمل رڪجي ويو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته في الحال ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيا آهيون، درخواست تي حتمي فيصلو لاڳاپيل بينچ ڪندي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.