23 مئي: عورتن ۾ ويم دوران فسٽولا کان بچاءُ جو عالمي ڏينھن

0
61
23 مئي: عورتن ۾ ويم دوران فسٽولا کان بچاءُ جو عالمي ڏينھن

  ويم جون پيچيدگيون: پيشاب جو پيشاب جي ناليءَ بجاءِ زناني عضوي مان وھڻ، جنھن کي فسٽولا جي بيماري چئجي ٿو. ھن پيچيدگيءَ جا ھيٺيان سبب آھن:

* ويم جا سُور گھڻي وقت لاءِ ھلڻ، ٻار پيدا نه ٿيڻ ۽ وقت تي اسپتال نه پھچڻ.

* اسپتال بجاءِ گھرن ۾ ويم.

* زناني بيمارين جي ڊاڪٽر کان ڳورھائپ دوارن گھٽ ۾ گھٽ چار دفعا معائنو نه ڪرائڻ، جنھن ۾ ھُو چڪاس ڪندو آھي، رت ۽ پيشاب جا ٽيسٽ ڪرائيندو آھي ۽ اھو   به فيصلو ڪندو آھي ته ويم بغير آپريشن جي ٿيندو يا آپريشن سان ٿيندو.

* سواريءَ جون سھولتون نه ھجڻ ۽ وقت تي اسپتال نه پھچڻ.

* ويم گھرن جو گھر جي ڀرپاسي ۾ نه ھجڻ.

* ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي.

* اسپتالن ۾ آپريشن ٿيٽر جو  خالي نه ھجڻ.

* غربت ۽ وسيلن جي کوٽ.

*  مفت ايمبولينس جو وڏي پيماني تي نه ھجڻ.

* اڻڄاڻائي.

مٿيان سمورا سبب عورتن ۾ ويم دوران فسٽولا جھڙي طبي ۽ سماجي بيماريءَ جو سبب بڻجن ٿا. طبي ان ڪري جو ان جو علاج ڪرائڻو ٿو پوي ۽ علاج آپريشن سان ٿيندو، سماجي ان ڪري جو عورت ڌڪار جوڳي بڻجيو وڃي.  پيشاب جي مسلسل وھڻ ڪري ڀرپاسي وارا ڌڪارين ٿا، پنھنجا پري ٿيو وڃن، مڙس طلاق ڏيو ڇڏين. انگن اکرن مطابق، اڌ کان وڌيڪ عورتن کي مڙس ڇڏي ٿا ڏين، ايتري تائين جو ماءُ، پِيءُ، ڀاءُ ڀيڻ  به  نفرت ڪرڻ ٿا لڳن. ننڍي عمر ۾ شادي به فسٽولا بيماري جو ھڪ وڏو سبب آھي، ڇاڪاڻ ته ھيٺيون ڌڙ ايترو جوان نه ٿيو  ھوندو آھي، اھو ننڍو ھوندو آھي، ان ۾ ٻار ڦاسي پوندو آھي. ٻار جو مٿو مثاني، زناني عضوي ۽ ھڏين  جي وچ ۾ ڦاسي ٻنھي عضون تي پنھنجو زور وجھي انھن جو خون جو دورو بند ڪري ڇڏيندو آھي. اھي حصا، جتي مٿو ڦاٿل ھجي ٿو، ڳري ٿا وڃن ۽ مثاني ۽ زناني عضوي جي وچ ۾ رابطو ٿيو وڃي ۽ پيشاب زناني عضوي مان وھڻ لڳي ٿو.

گھرن ۾ ويم  به فسٽولا بيماريءَ جو ھڪ  سبب آھي. ويم جا سُور جڏھن ڊگھا ٿيو وڃن ۽ ٻار  ڪونه ٿو ڄمي ته يڪدم آپريشن رستي ٻار پيدا ڪرائڻ لازمي ٿيو پوي، گھر ۾ ھوندي اھو ممڪن ڪونھي ۽ اھو فيصلو  به زناني بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر وٺندي ته ھاڻي وڌيڪ انتظار نقصانڪار  ٿيندو ۽ ترت آپريشن ڪجي، اھو اسپتال ۾ ئي ممڪن آھي. گھرن ۾ ويم جو ھڪ مسئلو اھو به آھي ته، اسپتال پھچڻ ۾ وقت لڳيو وڃي، ڪڏھن سواري  ڪونه ٿي ھجي  ته ڪڏھن وري پئسا. اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي ھوندي آھي، مٿان وري اسپتالن ۾ رش ھجڻ ڪري آپريشن ٿيٽر خالي ڪو نه ٿا ھجن يا وري ڊاڪٽر فارغ ڪونه ٿا ھجن، ايئن وڌيڪ دير ٿيو وڃي.

ايٿوپيا پنھنجي ملڪ ۾ گھر ۾ ويم تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. ھڪ اين جي او موٽر سائيڪل ايمبولنس تيار ڪرائي آھي، اھي ضرورت وقت ڳورھاري عورتن کي مفت ترت اسپتال پھچايو ڇڏين ۽ ائين انھن فسٽولا جي انگ کي گھٽايو آھي. پاڪستان ۾ سرڪار ھڪ ته ايمبولنس جي تعداد وڌائي ۽ ٻيو ان کي مفت ڪري. سنڌ ۾ سرڪار مفت ايمبولينس سروس ھلائي ٿي پر اھي تعداد ۾ گھٽ آھن، انجي تعداد کي وڌائڻو پوندو، جيستائين سرڪار اھو ڪري تيستائين سمورين پرائيويٽ ۽ اين جي اوز طرفان ھلندڙ ايمبولينس کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ وٺي، انھن کي معاوضو ڏي، ائين فسٽولا جي ھر سال  6000 نون مريضن جي تعداد کي گھٽائي سگھجي ٿو. عوام پنھنجي نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادي  نه ڪرائين، ويم اسپتالن ۾ ڪرائين، ڳورھائپ دوران چار کان پنج دفعا زناني بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن کان چڪاس ٿيڻ گھرجي. ان چڪاس ۾ طئي ٿيندو ته نارمل ويم ٿيندو يا آپريشن سان ٿيندو.

فسٽولا کان بچي سگھجي ٿو. سرڪار ھر تعلقي اسپتال ۾ ويم گھر ٺاھي ۽ مفت ايمبولينس جو بندوبست ڪري. ماڻھن ۾ آگاھيءَ جو ڪم ميڊيا ڪري. گھرن ۾ ويم تي پابندي مڙھڻ گُھرجي ۽ ننڍي عمر جي شادين خلاف مھم ھلائجي، اھا اھڙي بيماري آھي. جنھن کان بچي سگھجي ٿو.