23سالن بعد نيٺ ڪاميابي ملي وئي: ليسٽر سٽي هٿان مانچسٽر يونائيٽيڊ کي شڪست

0
286

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ کي ليسٽر سٽي شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته لاليگا ۾ بارسلونا ۽ لوانٽي جي ميچ برابر رهي. پريميئر ليگ فٽبال ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ کي ليسٽر سٽي هڪ گول تان شڪست کائڻي پئي. راند جي شروعات ۾ ئي ليسٽر سٽي جي ٿومس گول اسڪور ڪيو.5 منٽ جي وقفي بعد مانچسٽر يونائيٽيڊ جي گرين وڊ مقابلو برابر ڪري ڇڏيو، ليسٽر سٽي طرفان ٻيو گول 66هين منٽ ۾ ٿيو ۽ اها برتري راند جي پڄاڻي تائين قائم رهي. ليسٽر سٽي 23 سالن بعد مانچسٽر يونائيٽيڊ کي سندس هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني آهي. پوائنٽس ٽيبل تي مانچسٽر سٽي پهرين، مانچسٽر يونائيٽيڊ ٻئي، جڏهن ته ليسٽر سٽي ٽين پوزيشن تي آهي. ٻئي پاسي اسپينش لاليگا ليگ ۾ بارسلونا ۽ ليوانٽي وچ ۾ ميچ 3-3 گول تان برابر رهي، دلچسپ ميچ ۾ ميسي شاندار گول اسڪور ڪيو.