ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) ٽينس جي دنيا جي ناليواري اسٽار ۽ ڪلي ڪورٽ جي ڪنگ اسپين جي رافيل نڊال جو انٽرنيشنل ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو، 22 گرينڊ سليم، اولمپڪس ۾ گولد ميڊل ۽ 92 اي ٽي پي ٽائل سميت ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪندڙ اسپينش اسٽار کي آخري ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، اڱاري ڏهاڙي ڪيريئر جي آخري ميچ ۾ نڊال کي ڊيوس ڪپ ٽائي جي سنگلز ۾ هالينڊ جي Botic van de Zandschulp  اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني، پنهنجي ڪيريئر جي آخري ميچ بعد ٽينس ڪورٽ کي خيرباد چوندي نڊال ٿورو جذباتي به نظر آيو، الوداعي ميچ بعد ٽينس ايريا ۾ نڊال جي شاندار ڪيريئر جون جهلڪيون به ڏيکاريون ويون، راجر فيڊرر، نوواڪ جوڪووچ، سرينا وليمز سميت دنيا ني ناليوارن رانديگرن رافيل نڊال کي خراج تحسين پيش ڪيو، نڊال پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2001ع ۾ 15 سالن جي عمر ۾ ڪئي، ان دوران هن 14 فرينچ اوپن سميت 22 گرينڊ سليم ٽائٽل حاصل ڪيا، انهن ۾ 4 يو ايس اوپن ۽ 2، 2 ڀيرا آسٽريلين اوپن ۽ ومبلڊن چيمپئن شپ به پنهنجي نالي ڪيا، کاٻي هٿ سان کيڏندڙ نڊال ڪلي ڪورٽ جو ڪنگ سڏائيندو هو، نڊال 38 اي ٽي پي ماسٽرز ٽائٽل کان سواءِ 2008ع ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل ۽ چار ڀيرا پنهنجي ملڪ لاءِ ڊيوس ڪپ ٽائٽل به کٽيو، اهو 209 هفتا انٽرنيشنل ٽينس رينڪنگ ۾ نمبر ون به رهيو، واضح رهي ته نڊال گذريل مهيني ٽينس راند تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هيو، هن چيو هيو ته اهو نومبر ۾ ڊيوس ڪپ بعد انٽرنيشنل ٽينس کي الوداع چئي ڇڏيندو.