ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) آئزڪ نيوٽن جو شمار تاريخ جي اهم ترين سائنسدانن ۾ ڪيو ويندو آهي، جنهن جو ڪشش ثقل جو قانون ۽ حرڪت جا 3 قانون اڄ به اڪثر ماڻهن کي معلوم آهن، اهي قانون سوين سالن تائين فزڪس جي بنياد بڻيل رهيا، پر ڇا اوهان کي معلوم آهي ته هن دنيا جي خاتمي جي سال جي اڳڪٿي به پنهنجي هڪ خط ۾ ڪئي هئي؟ جي ها واقعي هن 1704ع ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته دنيا جو خاتمو 2060 ۾ ٿي ويندو، هن اها اڳڪٿي هڪ خط ۾ ڪئي ۽ سندس مڃڻ هو ته انجيل ۾ قيامت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو ، اهو 2060 ۾ ٿي ويندو، آئزڪ نيوٽن رياضي ۽ انجيل ۾ موجود قيامت کان اڳ پيش ايندڙ واقعن جي تاريخن کي استعمال ڪندي اها اڳڪٿي ڪئي، هن تاريخ جو مطالعو ڪري اهو تعين ڪيو ته انجيل ۾ قيامت کي ڪهڙن واقعن سان جوڙيو ويو آهي ۽ نتيجو ڪڍيو ته ايئن 2060 ۾ ٿيندو، هاڻي سندس اڳڪٿي ڪيتري حد تائين درست ٿيندي، اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر ماهرن موجب آئزڪ نيوٽن جي اڳڪٿي سندس سائنسي ڪم وانگر پيچيده ناهي، حقيقت ۾ هن رڳو هڪ اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن لاءِ رياضي جو استعمال ڪيو ۽ نتيجو ڪڍيو ته قيامت ڪڏهن ايندي، ته اها پٿر جي لڪير ناهي، ماهرن موجب حقيقت ۾ اهي ڪنهن سائنسدان جا لفظن ناهن پر هڪ فطري فلسفي جي اڳڪٿي آهي، آئزڪ نيوٽڪ پاڻ به اڳڪٿي جي حوالي سان وڌيڪ پراعتماد نه هيو، سندس چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ته دنيا جو خاتمو وڌيڪ دير سان ٿئي پر مون کي اهڙو ڪو سبب نظر نٿو اچي، جنهن سان اشارو ملندو هجي ته ايئن جلدي نه ٿيندو.