ملير ( رپورٽر) ماحوليات واري وفاقي وزير  شيري رحمان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب گرمي پد وڌي رهيو آهي  2025ع  تائين پاڪستان ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿيندي، انهي ڪري پاڻي ورڇ کي انصاف ڀريو ڪرڻو پوندو، هن وقت  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ سنڌ اڳيان آهي، ڪي پي ۾ بلين ٽري منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جي نيب تحقيقات ڪري رهي آهي، گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان گهگهر فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته چيو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي ختم ڪرڻو پوندو، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي نه روڪيو ويو ته 2050 ع تائين سمنڊ ۾ مڇين کان وڌيڪ پلاسٽڪ هوندو، هن چيو ته مون سون جي برساتن سان پاڪستان جا سمورا ڊيم ڀرجي ويندا، ٻيلي کاتي جي وزير  تيمور ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻي نااهل وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ سنڌ کي فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو