اڄ پڄاڻيءَ تي پهچندڙ سال ڪجهه ڪلاڪن جو مهمان آهي. جڏهن گهڙيال جا ٻئي ڪانٽا رات جو 12 جي انگ تي هڪ ٻئي سان لائون لهندا ته وقت چائنٺ اورانگهي نئين سال ۾ پير پائي چڪو هوندو. پڄاڻيءَ تي پهچندڙ سال سنڌ جي جهوليءَ ۾ بنهه گهٽ خوشيون وڌيون. هي سال اضطراب ۽ انتشار جو سال رهيو. ڇهن ڪئنالن جي رٿا جهڙن سنڌ دشمن فيصلن ۽ قدمن جي حوالي سان پڻ هي سال سنڌ لاءِ بهتر ثابت نه ٿيو. انتهاپسنديءَ جي واقعن سبب پڻ سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو.
سال 2024 سنڌ جي عوام لاءِ مايوسي، نااميدي ۽ بدانتظامي جو سال ثابت ٿيو. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ انتظامي صورتحال ۾ مسلسل ابتري ۽ لاپرواهيءَ سبب عوام جو روزمره جو زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پيو. انتظامي نااهلي، ڪرپشن، ۽ امن امان جي خراب صورتحال سنڌ کي بحرانن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اڄ پڄاڻي تي پھچندڙ سال دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏوهن جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. سنڌ جي روڊن ۽ شاهراهن تي بدامني جو راڄ آهي، جتي شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا. گورننس جي حوالي سان به ان سال صورتحال انتهائي خراب رهي. تعليم، صحت، ۽ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ حڪومتي ناڪامي نظر آئي. اڄ پڄاڻي تي پھچندڙ سال دوران اغوا انڊسٽري عروج تي رهي، جيڪا نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي پر سماجي عدم تحفظ ۾ به اضافي جو سبب بڻيل رهي. اغوا جون وارداتون، جيڪي ڪڏهن ننڍي پئماني تي ٿينديون هيون، ھن سال دوران انھن هڪ منظم ڏوھ جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ان جي پويان ڏوھاري گروهن کانسواءِ ڪجهه قبيلائي سردارن جي شامل ھجڻ کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي، جيڪي پنهنجين دشمنين کي مالي فائدي لاءِ استعمال ڪن ٿا. انهن تڪرارن سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقي جي عمل کي مفلوج ڪري ڇڏيو، جتي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن رهيا۔ پڄاڻي تي پھچندڙ سال دوران قبيلائي خونريزي ۽ دشمنين جو دائرو رڳو تشدد تائين محدود نه رهيو، پر ان جا معاشي اثرات به گهرا آهن. خوف ۽ هراس سبب سيڙپڪار انهن علائقن کان پري ٿي رهيا، جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا گهٽجي ويا. ٻهراڙي جي معيشت، جيڪا زراعت ۽ ننڍن ڪاروبارن تي دارومدار رکي ٿي، سخت بحران جو شڪار رهي۔
سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن عام ٿي وئي آهي، جتي عام ماڻهوءَ جا مسئلا حل ٿيڻ بدران، رشوت ۽ سفارش جي ور چڙهي وڃن ٿا. سنڌ ۾ سماجي مسئلا به وڌيل رهيا، جن ۾ غربت، بيروزگاري، ۽ معاشي بدحالي شامل آهن. سنڌ جا شهر ڳوٺن ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن، جتي صفائي، پاڻي، ۽ بجلي جهڙيون بنيادي سهولتون به نه آهن. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو صحت ۽ تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته سرڪاري نمائندا پنهنجي مفادن جي حاصلات واري ڪرت ۾ رڌل رھيا. حڪومتي مشينري جي ناڪاميءَ جو سبب نه رڳو قيادت جي نااھلي آهي پر عوام جي مسئلن کان بيخبري ۽ اهميت نه ڏيڻ به آهي.
حڪومت کي پڄاڻي تي پھچندڙ سال دوران سنڌ ۾ احتجاج عروج تي رهيا. احتجاج گورننس تي بي اطميناني جو اظهار هوندا آهن. پر اسان جي منتظمين کي عوامي احتجاجن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڄڻ ته سُتي پيل هجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گورننس جي ڪوتاھين مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ نئين سال دوران انھن جو تدارڪ ٿيڻ گھرجي. سنڌ جي سياسي قيادت پنهنجن مفادن کان مٿانهين ٿي عوام جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي. گورننس جي نظام ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال، اهل ۽ ايماندار آفيسرن جي مقرري، ۽ عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جي عوام لاءِ بهترين مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پنهنجين انتظامي ناڪامين مان سبق سکي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ حقيقي قدم کڻي. ٻي صورت ۾، سنڌ جو عوام مايوسيءَ جي گھيري ۾ ئي ڦاٿل رهندو، جتان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نه ايندو.