سال 2023ع ۾ سنڌ تي بدامني جا ڪڪر ڇانيل رهيا: 1785 قتل،145 ڪارو ڪاري، 133 اغوا ۽ 398 لڄالٽ جا واقعا پيش

0
82
سال 2023ع ۾ سنڌ تي بدامني جا ڪڪر ڇانيل رهيا: 1785 قتل،145 ڪارو ڪاري، 133 اغوا ۽ 398 لڄالٽ جا واقعا پيش
سال 2023ع ۾ سنڌ تي بدامني جا ڪڪر ڇانيل رهيا: 1785 قتل،145 ڪارو ڪاري، 133 اغوا ۽ 398 لڄالٽ جا واقعا پيش

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ سال 2023 ع جي  پهرين جنوري کان 15 ڊسمبر تائين واري عرصي دوران ذاتي دشمني،  جھيڙن جھٽن ۽ ڦر دوران مزاحمت تي 1785 ڄڻا قتل ٿيا، اغوا جا 3948 ۽  ڀنگ لاءِ اغوا جا 133،  زيادتي/زنا جا 369 ۽ اجتماعي زيادتي جا 29،  بدفعلي  جا 256 ۽ ڪاروڪاري جا 145 ڪيس رپورٽ ٿيا

مجموعي طور سنڌ پوليس وٽ هڪ لک 9 هزار 253 ڪيس رپورٽ ٿيا، سنڌ پوليس جي رڪارڊ موجب گذريل سال پهرين جنوري کان 15 ڊسمبر تائين صوبي ۾ قتل جا 1785 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪراچي جي سائوٿ زون ۾ 140،  ايسٽ زون ۾ 238، ويسٽ زون ۾ 211، حيدرآباد رينج ۾ 291، ميرپورخاص رينج ۾ 59، شهيد بينظير آباد رينج ۾ 176، سکر رينج ۾ 241 ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 428 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. صوبي ۾  اغوا جا 3948 ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا 133 ڪيس رپورٽ ٿيا

ڪراچي جي سائوٿ زون ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا 8 ، اوڀر زون ۾ 17،  ويسٽ زون ۾ 15، حيدرآباد رينج ۾ 9، ميرپورخاص رينج ۾ 1، سکر رينج ۾ 29 ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 54 ڪيس رپورٽ ٿيا.  پوليس جي رڪارڊ موجب سال 2023ع ۾ زيادتي/زنا جا 369 ۽ اجتماعي زيادتي جا 29 ڪيس رپورٽ ٿيا، بدفعلي جا 256، ٻارن جي اغوا جا 393، پوليس تي حملن جا 3601، شهرين تي حملن جا 764، خودڪشي جي ڪوشش جا 18، ڪاروڪاري جا 145، قتل جي ڪوشش جا 2593، هنگامن جا 3114 ڪيس رپورٽ ٿيا

ساڳئي عرصي ۾ گاڏيون ڦرڻ ۽ چوري جا 2095، موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ ڦر جا 14571 ۽ ٻيون گاڏيون ڦر ۽ چوري جا 25274 ڪيس رپورٽ ٿيا. سنڌ ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 440 ڄڻا فوت ويا ۽ 242 زخمي ٿيا، هاءِ ويز تي ڦرلٽ جا 30، بينڪن ۾ ڌاڙن جا 3، پيٽرول پمپن تان ڦرلٽ جا 30، گهرن ۾ ڌاڙن ۽ چورين جا 404، دڪانن ۾ ڦرن ۽ چورين جا 435، جانورن جي چوري جا 456 ۽ ڦرلٽ ۽ چوري جي ٻين واقعن جا 5009 ڪيس رپورٽ ٿيا

سال 2023ع ۾ ممنوعه  آرڊيننس تحت 12413 ڪيس، آرمز آرڊيننس تحت 10505، جوا آرڊيننس تحت 1304، اسمگلنگ آرڊيننس تحت 57، ٻين مقامي ۽ خاص قانونن تحت 7375 ۽ توهين مذهب جا 98 ڪيس رپورٽ ٿيا.