2022 جي ٻوڏ جا ڪجھه اھم سبق

0
159
2022 جي ٻوڏ جا ڪجھه اھم سبق

اسان جون عام حالتون تھذيب يافته دنيا ۾وڏي پئماني تي ھنگامي حالتون ليکيون وڃن ٿيون! صرف روڊ حادثن ۾ سڌي طرح جيڪي ماڻھو اجل جو شڪار ٿين ٿا ، ان جا بنيادي سبب اھڙا آھن جيڪي طرز حڪمراني کان وٺي آئين ۽ قانون جي عام رواجي حڪمراني سان ڳنڍيل آھن. قانون موجود آھي، قاعدا جڙيل آھن، بجيٽون رکيل آھن، ماڻھو ۽ ادارا مقرر ٿيل آھن، پگھارون ادا ٿين ٿيون، پراجيڪٽ ھلندڙ آھن، اسڪيمن جا افتتاح ٿين ٿا؛ آڊٽ، اينٽي ڪرپشن، نيب، عدالت، جج، ادارتي اک،  پبلڪ اڪاؤنٽ ڪاميٽي سڀ موجود آھن؛ ميڊيا جون اکيون ۽ ڪن، رينجر ۽ انھن جا مالڪ سڀ ڪجهھ موجود آھي؛ ڪاغذي ڪارروائي، ذھن ۽ قلم! ڳڻي ويٺو ڳڻجي ته ڇا ڇا موجود ناھي! بس ھڪ معيار، قومي اخلاق، برابري، انصاف، پُڇاڻو، قانون جو برابري وارو احترام ۽ انصاف واري ورڇ موجود ناھن. اھڙي معاشري ۾ زوال پذيري کي فخر سان ٻُڌايو ٿو وڃي، معاشري ۽ رياست ۾ شايد ويھه ڪروڙ يا ان کان مٿي ماڻھو ڪجھه لکن وٽ باندي ٿيل آھن! فيصلا جھان خان جي انصاف کان به ابتر آھن. جتي عام روز مره جي زندگي، سُڌريل دُنيا جي لاءِ ھڪ آفت زده زندگي آھي؛ ان نٻل، ٽُٽل، جهُريل معاشري جي وڏي انگ ۽ مقدار ۾ وري وري ايندڙ آفتن ڪيئن ته ۽ ڪيترو ته جھوري وڌو ھوندو! ان تنزلي ۾ پاڻ کي شامل سمجهندي، پنھنجي کَل بچائڻ جو سوچجي؛ قلم بنا لفظ لکڻ جي خاموش ٿيو وڃي! پر ان ڊپ/ڏوھي ھجڻ جي احساسِ جُرم کان ڊڄي ڪِن اھڙن رستن جي باري ۾ نه سو‏چجي، نه لکجي جيڪي روشني ۽ بھتري ڏانھن وٺي وڃن!

ھن وقت سنڌ ۾ پاڻي مان نڪتل ماڻھن جي بحالي سان گڏ، اڃان پاڻي ۾ ٻُڏل سنڌ کي پاڻي مان ڪڍڻو آھي. سنڌ جا ڪجھه ضلعا، انھن جا حصا، تعلقن جا حصا ۽ يوسيون (UCs) اڃان پاڻي کي پنھنجي چؤڦير ڏسن پيا. سنڌ حڪومت پڻ ڪافي ڪوششون ڪري رھي آھي. ماڻھن جي بحالي جون ڪافي رٿائون ڏينھن رات ھڪ ڪري جوڙيون پيون وڃن. ان ۾ خاص ڪري زرعي زمينن لاءِ ربي جي فصل لاءِ ٻج، پاڻ، مال لاءِ گاھه، ويڪسينيشن، ايريگيشن کاتي جي نظام جي بحالي، روڊن، پاڻي ۽ نڪاسي ۽ وري کان گھر ٺاھڻ جون انتھائي اھم رٿائون شامل آھن.

ان کانسواءِ عالمي ادارا ۽ فلاحي تنظيمون پڻ ميدان ۾ لٿل آھن. جولاءِ جي وچ ڌاران ڪراچي، حيدرآباد جي ٻوڏ کان شروع ٿيندڙھي سلسلو سيپٽمبر جي پھرين ھفتي کان مينھن جي ماٺ تائين سڄي سنڌ جي تاريخي ٻوڙان ٻوڙ ڪري چڪو. جولاءِ جي آخري ھفتي ۾ جڏھن رڙيون ڪيوسين ته ڪراچي کان نڪري سنڌ جي سنڀار لھو. ڪراچي ۾ رھندڙ محترم صحافي دوستن کي پڻ عرض ڪيو ته ملڪي ميڊيا سنڌ ۾ اچڻ واري۽ آيل تباھي کان ايتري بيخبر آھي! پر جڏھن تباھي ھر طرف کان ظاھر ٿي، موت وڃي ھزار جي لڳ ڀڳ ٿيا تڏھن سڀ ڪنھن کي عملي قدم کڻڻا پيا. پوءِ تمام گھڻين ڪوششن جي باوجود ٻوڏن جي تباھي کي گھٽ ڪرڻ وارا عمل ايترا اثرائتا ثابت نه ٿيا. ان مان ھڪ اھم سبق ملي ٿو “اسان جا آفتن جي ڪٿ، پھرين تنبيھه ڏيندڙ نظام Early Warning System۽ آفتن کي منھن ڏيڻ جو ادارتي جوڙجڪ ۽ طرز حڪمرانيGovernanceڪمزور آھي، زميني حقيقتن سان جڙيل ڪونھي، ان جي ٽيڪنيڪل ۽ سارسنڀار واري صلاحيت دنيا جي مقابلي ۾ تمام گھڻي گھٽ آھي. ان اھم عنصر کان اسان ھاڻ ڪافي ڏھاڪن کان اُٺ پکي جيان واري ۾ مُنڍي لڪايو ويٺا آھيون. جڏھن به ماڻھو، ادارا، سياسي پارٽيون، قيادت ۽ ذميوار دفاعي رويو اختيار ڪندا آھن: مثال طؤر “اسان ھر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا، جيڪو ڪجھه ڪيون پيا، ان کان بھتر ممڪن ڪونه ھو.

 اوھان ڪري ڏيکاريو. اوھان رڳو الزام ھڻو پيا، اوھان ھوائي ڳالھيون نه ڪيو، اسان ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکون ٿا. آئون چيف انجنيئر، سيڪريٽري آھيان وغيره وغيره”. ان دفاعي رويي جي نتيجي ۾ اسان بھتري جي گنجائش وارن خانن جا در بند ڪري ڇڏيندا آھيون. ان ڪري اسان جي پنھنجي ھوڏ، ڊپ ۽ اَنا آفتن جي روين ۽ انھن جي نتيجن مان سبق حاصل ڪرڻ نه ڏيندي آھي.  جيڪي ڪجھه بنيادي سبق آھن اچو ته انھن تي ٿورو ويچار ڪري ھڪ لسٽ ٺاھي وٺون:

  1. اسان جو “تڪڙي ۽ پھرين تنبيهھ وارو نظام” آفتن جي حوالي سان، ڪمزور آھي. ان کي ڏسڻ جي ضرورت آھي.
  2. سنڌ حڪومت پنھنجي مجبورين جي باوجود تمام گھڻيون ڪوششون ڪري رھي آھي ته جيئن ٻڏل سنڌ کي اھنج مان ڪڍي سگھجي. پر ڪمزور ادارتي صلاحيت، مرڪزي حڪومت جو ڪمزور رويو ۽ جواب، انھن ڪوششن ۾ ھڪ قسم جو اٽڪاءُ پيدا ڪري رھيا آھن.
  3. جنھن قسم جي آفت سنڌ جي ماڻھن جي پلئه پئي آھي، ان کي اڪيلو سر منھن ڏيڻ حڪومت سنڌ جو وس نه آھي.
  4. حڪومتي ادارن، عالمي تنظيمن ۽ ادارن ۽ ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۽ ٻين اھم ڌرين، خاص ڪري ضلعي سطح تي سھڪار ۽ رابطي ڪاري ۾ ڪافي جھول آھن.
  5. آفتن کي گھٽ ڪرڻ واري رٿابندي، اسان جي عام ترقيءَ واري رٿابندي ۾ شامل ناھي، ان ڪري عام ترقيءَ تحت ٿيندڙ ڪم (معيار جھڙي اھم عنصر کي ڇڏي به) ماڻھن کي وڌيڪ سلامتي ۽ بھتري مھيا ڪونه ٿا ڪن.
  6. اسان جي زرعي زمينن جي پاڻي جي نڪاسي Land drainage، عام زمين کي استعمال ڪرڻ جي رٿابندي land use planning، شھرن مان برساتي / طوفاني پاڻيءَ جو نيڪال جو سرشتو Stormwater system پنھنجي رٿابندي، ڊزائين، ورڇ ۽ ڦھلاءُ جي حساب سان گھٽ، اڻ گھڙيو، نقص وارو آھي. ان ڪري ان تي ٿڌي دماغ سان سماجي، سائنسي، ٽيڪنيڪل ۽ ماحولياتي  پرک مان گذاري ڏسڻ جي ضرورت آھي.
  7. سنڌ جا مسئلا انيڪ آھن، ان جا حل پڻ گھڻا ڳولڻا پوندا. ان لاءِ بھتر رٿابندي، کليل سوچ، بجيٽ ۽ وقت گھربل آھن. ان کي تفصيلن ڏسڻ جي ضرورت آھي. ان کي تڪڙا حل، وچٿرو وقت وٺندڙ حل ۽ ڊگھي عرصي وارن حل جي ٽن اھم حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھڪ ڳالھه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته انھن تڪڙن، وچ ٿرن ۽ ڊگھي عرصي وارن رٿائن جو پاڻ ۾ ھڪٻئي سان ڳانڍاپو ھجڻ گھرجي ۽ اھي اھڙي تربيت سان ھجن جن جي نتيجي ۾ ھڪ مربوط، گھڻ پاسو ۽ وسيع پروگرام عمل ۾ اچي سگھي.
  8. انگريزي جي ھڪ چوڻي آھي “ڪمري ۾ ھاٿي جو ھجڻ” جنھن جي معنيٰ اِھا آھي تھ ڪنھن شيءَ جو تمام وڏو وجود جنھن کي ڄاڻي واڻي درگذر ڪيو وڃي. ان کان اکيون ٻُٽيون وڃن. پر ان جو وجود وزنائتو ھجڻ سان گڏ اثرانداز ٿيندڙ پڻ ھجي. پاڻ وٽ ان کي ڪرپشن- رشوت وغيره جو عام زبان ۾ نالو آھي. انگريزن کان به اڳ سرڪاري طور تي ڪم ڪڍائڻ لاءِ ڌَنُ ڏيڻ جو رواج برصغير کان وٺي سڄي دنيا ۾ ھو ۽ ھاڻ پڻ سڄي دنيا ۾ آھي.

 دنيا جو شايد ڪوئي معاشرو ھجي جيڪو ڪرپشن کان مڪمل طرح پاڪ ھجي. پر فائل کي پير ھڻي چورڻ جي مقدار کان وٺي ڪنھن رٿا يا ڪم ۾ ڌاڙي ھڻڻ تائين جي ھڪ وڏي ورڇ يا قِسم آھن. ان تي مڪمل ۽ يڪدم ضابطو آڻڻ جي ڳالھه ڪرڻ بيوقوفي ۽ ٻي کي چريو ٺاھڻ آھي، جنھن ادارتي جوڙجڪ جي ذريعي ان تي ضابطي جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي، جيڪي گھاڙيٽا ٺھيل آھن، انھن مان ان شيءَ جي وڌڻ جا ته مڪمل امڪان آھن پر ان جي گھٽتائي ممڪن ڪونھي. حڪومت سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ جي بحالي لاءِ ٺھندڙ پراجيڪٽن کي صاف ۽ شفاف ڏسڻ چاھين ٿا ۽ واضح نموني اِھو پيغام ڏنو اٿائون ته ڪَمَ قابليت سان، ميرٽ تي ۽ کليل طريقن سان ڪيا وڃن. ھي انتھائي اھم عمل آھي. ان تي جيڪڏھن عمل درآمد ٿي ويو ته حڪومت سنڌ جي ساک عام ماڻھن وٽ وڌي ويندي ۽ جيڪي مخالفت ۾ خبرون آھن اُھي پڻ پنھنجو زور ٽوڙي ويھنديون.

  1. اسان جي پاڻي نڪرڻ جي ڪَٿَ ھن وقت تائين غلط ثابت ٿي آھي. جن ذميدار ماڻھن اڄ کان ھڪ مھيني اڳ چيو ھو ته مھيني اندر پاڻي نڪري ويندو، انھن کي ھڪ دفعو وري پنھنجي ڪٿ، ان جي طريقي ۽ مفروضن تي غور ڪرڻ کپي. ڪجهھ ڏينھن پھريان وري چيو ويو ھو، خاص ڪري، ايل بي او ڊي سان لاڳاپيل پاڻي جي باري ۾ ته ھڪ مھيني ۾ نڪري ويندو. ھاڻي بندوبست ۽ زميني حالتن کي ڏسندي، جيڪڏھن ڪو ٻيو تڪڙو عمل نھ ڪيو ويو ته جھڏو، ٽنڊو جان محمد، سامارو، ميرپورخاص، بدين ضلعي جي گڏيل حدن وارو علائقو، مٺڙائو ۽ کپرو جي وچ واري عمرڪوٽ ضلعي جو حصو، انھن مان پاڻي نڪرڻ جو وقت ٻن مھينن کان ٽن مھينن تائين ٿي سگھي ٿو. ان کي تڪڙو ڏسڻ جي ضرورت آھي. ساڳي نموني خيرپور ضلعي جي 25 سيڪڙو زرعي ايراضي تي پاڻي بيٺل آھي، جيڪو پمپنگ ۽ ٻاڦ ٿي اڏرڻ کانسواءِ شايد ٽين طريقي سان نه نڪري. دريائي سنڌ جي سڄي پاسي تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪٿ، رستا ۽ حل باريڪ بينيءَ سان ڄاڻو ماڻھن ۽ مقامي عقل ۽ ڏاھپ جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي.
  2. اسان رٿابندي ۾ ماڻھن جي حقيقي شرڪت ڪرڻ کان ڊڄندا آھيون. پيپلزپارٽي کي اھو امتياز حاصل آھي ته اِھا پارٽي ماڻھن جي وچ ۾ بيٺل ھوندي آھي. اسان جھڙا انجنيئر ۽ ڪامورا ماڻھن کان پڇڻ، انھن جي راءِ کي شامل ڪرڻ، انھن جي ٻڌڻ کي پنھنجي گھٽتائي سمجھندا آھن. گھڻو ڪري ڪنڊون ڪندا وتندا آھن. ان روش کي ڏسڻ جي ضرورت آھي. ماڻھن جي اھم تجويزن کي شامل ڪري تعمير ۽ بحالي جو ڪم آسان ۽ بھتر ڪري سگھجي ٿو.