سکر (بيورو رپورٽ) سکر سرڪٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي حليم عادل شيخ چيو ته 5 سال جي پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ ڊپارٽمينٽ رپورٽ ڏني آھي، ته 700 ارب اي ڊي پي تحت ڏنا ويا آھن، جنھن مان سوا 6 سو ارب خرچ ڪيا ويا آھن، پلاننگ ڊپارٽمينٽ سنڌ انڪشاف ڪيو آھي ته ترقياتي ڪمن ۾ 44 سيڪڙو ڪرپشن ٿي آھي، بي ضابتگيون ٿيون آھن، جيڪا رقم ھنن جي اڪائونٽس ۾ وڃي رھي آھي، ڪتن واري معامري تي سينيئر جج اسيمبلي ميمبر کي معطل ڪيو ته کيس راڪيٽ لانچر سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، عوام لاءِ مون آواز اٿاريو ته مون کي جيل ۾ بند ڪرايو ويو، ھن چيو ته اسان ڪورونا ۾ 60 ارب ڏنا ھئا، سنڌ حڪومت 8 مھينن لاءِ ارڙي کان بچاءُ لاءِ ٽڪا بند ڪري ڇڏيا آھن، جنھن سبب وبائي بيماري ڦھلجي رھي آھي جنھن ۾ 15 کان 16 ٻار مري چڪا آھن، سنڌ ۾ سولين ڊڪٽيٽر شپ آھي، 10 سيڪڙو ٻار نيوٽريشن جي کوٽ جو شڪار آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي ماڻهون ايڊز جو شڪار آهن. صوبائي حڪومت جي نااھليءَ سبب سنڌوءَ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ٿئي پيو، جتان سنڌ جي شھرن ۾ پاڻي جي فراھمي لاءِ پاڻي کنيو ويندو آھي، سنڌ جا 70 سيڪڙو ماڻهو خراب پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري ۾ وڏيرا ڪرپشن ڪري رهيا آهن،پي ايس پي آفيسر پئٽرول کپائي رهيا آهن جنهن به آفيسر تي ڪيس هوندو ان کي ڪٿي به پوسٽنگ نه ڏيڻ گھرجي پر ھِتي صورتحال مختلف آھي، 20، 20 سال کان آفيسر ساڳين پوسٽنگ تي ويٺل آھن، ٽرانسفر پوسٽنگ پئسن عيوض ٿيندي آھي، ان سلسلي کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي. سٺا آفيسر سنڌ ۾ اچڻ گھرجن، سنڌ ۾ وڪيل صحافي ۽ جج به محفوظ ناهن، شيخ رشيد پنهنجي ڳالهه بابت وضاحت ڪري چڪو آهي شيخ رشيد جي ڳالهه تي وايلا ڪرڻ وارن کي چوان ٿو ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلم خلاف به آواز اٿارين. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته 19 سالن بعد 2017ع ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آدم شماري ٿي، پ پ پنھنجي دور ۾ آدم شماري ڇو نه ڪرائي؟ ، ھي چاھين ٿا آدم شماري نه ٿي، ھنن جا ايڊمنسٽريٽر ويٺل ھجي ۽ انھن ذريعي ھو فائدو حاصل ڪندا رھن، انشاءَ اللھ 2022ع ۾ آدم شماري ٿيندي، اسان مراد علي شاھ ۽ نواز شريف جي گند کي صاف ڪيو آھي. ھن چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پ پ جي متبادل طور سامھون اچي رھي آھي، بلدياتي اليڪشن توڙي جنرل اليڪشن ۾ ھر سيٽ تي پنھنجو اميدوار بيھاريو ويندو.