حيدرآباد: ڪارونجهر جبل کي بچائڻ لاءِ 2021ع ۾ پٽيشنر منور علي ۽ الله رکيو کوسو وڪيل غلام مصطفيٰ هنڱورجو معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي. 2023ع دوران مقامي وڪيلن شنڪر لال، محمد عارف ڪلر به ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عدالت سان رجوع ڪيو هو. ڌار ڌار داخل پٽيشنز تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ معاونت لاءِ وڪيل سجاد احمد چانڊيو ۽ عشرت علي لوهر کي مقرر ڪيو جن عدالت کي ڪارونجهر جبل جي اهميت ۽ سمورن پاسن کان تفصيلي طور آگاهي لاءِ رپورٽ فراهم ڪئي هئي. هڪ ڏينهن اڳ اسسٽنٽ رجسٽرار پاران سرڪيولر جاري ڪري محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ بابت پٽيشنرز ۽ وڪيلن کي آگاهي ڏني وئي هئي.