ڄامشورو (رپورٽر) پ پ جي مخالفت ۾ سيد جلال محمود شاهه، اڳوڻو پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ملڪ چنگيز خان پاران ٺاهيل ڄامشورو اتحاد گروپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر شورو پنهنجون سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون،  ڄامشورو جي مقامي هوٽل ۾ 2018ع جي جنرل اليڪشن ۾ پ پ کان بغاوت ڪندڙ ممتاز راهوجو پاران سندس مان ۾ آجياڻو رکيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر شورو، اڳوڻي ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين صادق شورو، ذولفقار شورو، وڏيرو محبوب سمون، سيد اصغر شاهه، اڳوڻي ضلعي ناظمه نائمه بلوچ ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڄامشورو اتحاد اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو خطاب ڪندي چيو ته ڄامشورو جي عوام سان رت جو رشتو آھي اهو رشتو قائم رهندو 2018 واري اليڪشن اخلاقن عوام جي طاقت سان کٽي چڪا آھيون، ايندڙ بلدياتي اليڪشن توڙي 2023 واري اليڪشن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن پنهنجا اميدوار بيهارينداسين. هن دفعي گذريل اليڪشن کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڏيکارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مون چار اليڪشن وڙھيون عوام جي محبتن سان هر اليڪشن کٽي آيس پر گذريل اليڪشن مهم دوران جيڪا عزت ۽ محبت ڄامشورو اتحاد جي ڪري ملي اها وساري نه ٿو سگهان. هن چيو ته آئون پنهنجن ماڻھن سان سندن خوشين توڙي غمن ۾ گڏ آھيان جن ماڻهن کٽڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪيون آهن اهي ته هينئر ڳوليا نه ٿا لڀن. هن چيو ته جلد خوشخبري ملڻ واري آھي دوست ساٿي اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪن، وڏي تعداد ۾ مختلف برادرين جا ماڻھو رابطي ۾ آھن شرڪت ڪن پيا، جلد انهن ڏانهن وڃي دعوت ۾ شريڪ ٿي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪنداسين. ان موقعي تي ممتاز بڙدي، لياقت خاصخيلي، نبي داد لغاري، خميسو خان بروهي، ديدار چانڊيو، اعجاز برفت، آصف شورو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.