ميهڙ: 2018ع واري اليڪشن ۾ ميھڙ ڪي اين شاهه جي قومي تڪ اين اي 234 تي پ پ پ جي اميدوار عرفان ظفر لغاري 96038 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو ۽ پي ٽي آءِ  جي ٽڪيٽ تي مقابلو ڪندڙ اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي 82730 ووٽ کڻي سگھيو ھيو اھڙي ئي طريقي سان 2024 جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ تڪ بندين جي تبديلي کانپوءِ ساڳي ئي ميھڙ ڪي اين شاهه جي قومي تڪ اين اي 227 تي ساڳين ئي اميدوارن جي ڊي اي جي اميدوار اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي ۽ پ پ پ جي اميدوار عرفان ظفر لغاري ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن ته 2018 واري اليڪشن ۾ ميھڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 84 تي پ پ پ جي اميدوار فياض علي ٻٽ ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار صداقت علي جتوئي ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيو ھو، جنھن ۾ پ پ پ جي اميدوار فياض علي ٻٽ 42218 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار صداقت علي جتوئي 40352 ووٽ کڻي سگھيو ھو ۽ ھاڻي 2024 جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ به ساڳي ئي ميھڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 81 تي جي ڊي اي جي اميدوار اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي پاڻ ميدان ۾ لٿو آھي ۽ سامھون پ پ پ جو ساڳيو ئي اميدوار فياض علي ٻٽ به سندرا مضبوط ڪري ڇڏيا آھن. ھوڏانهن ڪي اين شاه تعلقي صوبائي تڪ ڪي اين شاه جي پي ايس 83 تي پ پ پ جي اميدوار عبدالعزيز جوڻيجو 51989 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو ۽ سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ جي اميدوار احسان علي جتوئي 38011 ووٽ کنيا ھئا جڏھن ته 2024 جي اليڪشن ۾ ساڳي ئي ڪي اين شاه جي صوبائي تڪ پي ايس 80 تي پ پ پ پاران ساڳيو ئي اميدوار عبدالعزيز جوڻيجو بيٺل آھي جڏھن ته مقابلي ۾ جي ڊي اي پاران اڳوڻي ضلعي ناظم  ڪريم علي جتوئي کي اميدوار نامزد ڪيو آھي