ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سڄي دنيا جي ميڊيا آئوٽ ليٽ مجموعي طور تي ناڪاري تصوير پيش ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي وڏين اخبارن، رسالن، ٽي وي چينلن ۽ ويب سائٽن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊون شفاف ٿيندي نظر نه آيون. ان ڏس ۾ مشهور آمريڪي رسالي ٽائيم لکيو آهي ته ڪارل مارڪس چيو هو ته پهرين تاريخ پنهنجي پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ پوءِ دوکو ڏيندي آهي. پاڪستان جي معاملي ۾ تاريخ پنهنجي پاڻ کي عجيب انداز سان ورجايو آهي. هتي الميي جي پهلو مٿان پهلو دوکو به آهي. رسالي وڌيڪ لکيو ته شفافيت غائب آهي، سڀني کي ليولڊ پليئنگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي. اها ڳالهه هاڻي راز ناهي رهي ته عمران خان جي پي ٽي آءِ خلاف وقت کان اڳ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. مشهور آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ وڌيڪ غير شفاف ۽ غير منصفاڻيون چونڊون ٿي رهيون آهن. پنج سال اڳ به ايئن ئي ٿيو هو. تڏهن به ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا هئا. ساڳيو ئي ماحول آهي، اهي ئي الزام آهن ۽ اهي ئي وضاحتون آهن. واضح طور تي طئه ڪيو ويو آهي ته هڪ خاص پارٽي کي ڪنهن به صورت ۾ اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ ناهي ڏيڻو. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين لکيو آهي ته پاڪستان ۾هڪ پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي شڪل ۾ موروثي سياسي قوتون آهن جيڪي اقتدار جي ايوان تائين پهچڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي غير معمولي مقبوليت رکندڙ عمران خان آهي جيڪو جيل ۾ سڙي رهيو آهي. ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ عدالتن مان سزائون ٻڌائڻ سان پي ٽي آءِ جي حامين جو حوصلو ٽُٽو آهي.   فارسي ميڊيا موجب مجموعي طور تي ماڻهن جي چونڊن جي حوالي سان گھڻي دلچسپي نه رهي. پاڪستانين جي اڪثريت کي چڱي طرح معلوم آهي، اندازو آهي ته نتيجا ڪهڙا نڪرڻا آهن. ان حوالي سان ماڻهن جي چڱي خاصي مايوسي به نظر اچي ٿي.