اسلام آباد(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ ٻولي جي ٻنياد تي آدمشماري جا انگ اکر پڌرا ٿي ويا آهن، سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 17 ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو 38 سيڪڙو ڏيکاريو ويو آهي . پنهنجي اخبار کي مليل ڪراچي جي آدمشماري جي انگن اکرن موجب شهر جي ڪل آبادي 2017ع ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 هئي، جنهن ۾ اردور ڳالهائيندڙن جي شرح 38.2 سيڪڙو، ٻئي نمبر تي سنڌي ڳالهائيندڙن جي 17.2 سيڪڙو، ٽئين تي پشتو ڳالهائيندڙ 15.3، پنجابي ڳالهائيندڙ 11 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 5.1 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 12.8 سيڪڙو آهن. جڏهن ته 1951 جي آدمشماري ۾ گجراتي ڳالهائيندڙ 11.6 سيڪڙو هئا پر گذريل ٽن آدمشمارين 1981، 1998 ۽ 2017ع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گجراتي ڳالهائيندڙ هڪ به ڪراچي ۾ نه ٿو رهي. رپورٽ ۾ تقابلي جائزو به ورتو ويو آهي جنهن موجب 1941 ۾ ڪراچي جي آدمشماري 4 لک 36 هزار هئي جنهن ۾ 61.2 سيڪڙو سنڌي، 10 سرڪڙو گجراتي، 9 سيڪڙو بلوچي، 6.5 سرڪڙو پنجابي، 6.3 سيڪڙو اردو، 2 سيڪڙو پشتو ۽ 5 سيڪڙو ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ هئا، 1951ع ۾ اردو ڳالهائيندڙ 51.4م سنڌي 14.3، گجراتي 11.6، بلوچي 8.87، پنجابي 9، پشتو 3.3 ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 1.32 سيڪڙو، ڪل آبادي 10 لک 55 هزار، 1981ع ۾ اردو ڳالهائيندڙ 54.3، پنجابي 13.6، پشتو 8.7، سنڌي 6.2، بلوچي 4.3، ٻيون ٻوليون 12.57 ۽ گجراتي ڳالهائيندڙهڪ به نه هو، ڪل آبادي 52 لک 8 هزار 132 ٿي وئي، 1998ع ۾ ڪل آبادي 98 لک 56 هزار، 318 هئي، اردو ڳالهائيندڙ 48.5، پنجابي 13.9، پشتو 11.4، سنڌي 7.2، بلوچي 4.3 ۽ ٻيون ٻوليون 14.5 سيڪڙو هئا.