سکر: 2016ع ۾ رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سڪندر علي خشڪ اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن اسان کي ھتي ڪوئي ماڻهو زمين ڏئي ته اسان ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان ڪاليج ٺھرايون جنھن تي اتي موجود صوفي راڳي محمد يونس چنو چيو هو ته ريلوي اسٽيشن سان لڳ منهنجي زرعي زمين آھي جنھن مان ھڪ جريب مان توهان کي ڪاليج لاءِ ڏيان ٿو، جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر جي بدلي بعد ڪاليج جي ٺھرائڻ جو اعلان به ختم ٿي ويو.