ڪراچي (م ڊ) 2014ع جي ڌرڻي جا سياسي ڪزن 2022ع ۾ هڪٻئي کان لاتعلق ٿي ويا، طاهر القادري ڪارڪنن  کي تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، سربراهه پاڪستان عوامي تحريڪ چيو ته اسان ڪنهن جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، ڪارڪن خاموش رهن، ساڍا 3 سال تحريڪ انصاف کي ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر ياد نه آيا، رتيءَ برابر به مظلومن جي مدد نه ڪئي.