ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2012ع ۾ اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي ڀرتي خلاف درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت اهو معاملو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني اندر امتحان ۽ انٽرويو جو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواستگذارن کي به انٽرويو ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي انفارميشن آفيسرن جي باقاعده مقرري لاءِ ٻيهر امتحان ۽ انٽرويو وٺڻ گهرجي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڀرتي جي ضابطن ۽ اميدوارن جي تعليمي قابليت جي تصديق ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن درخواستگذار ڪميشن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته لاڳاپيل کاتو کيس آفر آرڊر ڏيڻ تي غور ڪندو، عدالت ۾ درخواستگذار چيو ته من پسند اميدوارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ قابليت جا معيار تبديل ڪيا ويا، ڀرتي ڪيل 70 ڄڻن مان رڳو 3 ڄڻن وٽ ماس ڪميونيڪيشن / صحافت جي گهربل ڊگري آهي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڀرتي ڪيل سڀني اميدوارن کي قابليت ۽ ماسٽرز ڊگري جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو هو, لاڳاپيل اختيارين کي قابليت جي شرطن کي تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، سنڌ جي وڏي وزير انفارميشن آفيسرن جي ڀرتي لاءِ قابليت جي معيار ۾ تبديلي جي منظوري ڏني هئي، جنهن تي عدالت چيو ته انفارميشن آفيسرن جي ڀرتي لاءِ معمول جو طريقو ڇو نه اختيار ڪيو وڃي؟جنهن تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ان وقت جي قانون موجب ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ واڪ ان انٽرويو جي اجازت هئي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو ته اطلاعات واري وزير فوري ضرورت جي بنياد تي قابليت جي شرطن ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تناظر ۾ عدالت ساڻس متفق ناهي، عدالت جي راءِ ۾ گريڊ 17 جون انفارميشن آفيسرن جون پوسٽون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيار هيٺ اچن ٿيون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ضابطن موجب گريڊ 16 کان 22 تائين جون ڀرتيون مقابلي واري امتحان ذريعي ڪيون وينديون, عدالت چيو آهي ته قانوني اصول موجب گريڊ 17 جي پوسٽن لاءِ ڀرتي ايس پي ايس سي ذريعي اشتهار شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪئي وڃي، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت کي مٿي ڏنل طريقيڪار کي نظرانداز ڪرڻ جو اختيار ناهي، ڀرتي جي ضابطن کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ قابليت جي معيار کي تبديل ڪرڻ به غير قانوني آهي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري انفارميشن آفيسرن جي ڀرتي واري معاملي جو جائزو وٺن ته جيئن انهي کي ايس پي ايس سي ڏانهن موڪليو وڃي.