حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب جنيدي جنرل سيڪريٽري سيد فياض حسين شاهه، سينيئر نائب صدر لال بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته 2010ع ۾ ملازمن کي نوڪري تي بحال ڪرڻ واري ايڪٽ کي ختم ڪرڻ سبب 16 هزار ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري 16 هزار خاندانن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عدليه ۽ ان جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي. پيپلزپارٽي 2010ع ۾ نافذ ڪيل ايڪٽ تحت سياسي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻيل 16 هزار برطرف ملازمن کي بنا فرق جي بحال ڪري روزگار فراهم ڪيو هو. پيپلزپارٽي 16 هزار ملازمن جي نوڪري تي بحالي لاءِ قانوني مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. نوڪرين تان برطرف ملازم پنهنجو روزگار بچائڻ لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪن.