اسلام آباد: (بيورو رپورٽ/ م ڊ ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 400 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي پاڪستاني حڪومت جي تجويز رد ڪري ڇڏي.ذريعن موجب واهپيدارن کي بجلي بلن تي رليف ڏيڻ جي معاملي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ رابطو ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 400 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي پر 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن موجب بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي، ان قدم سان تقريبن 40 لک بجلي واهپيدارن کي وقتي رليف ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 400 يونٽن تائين رليف جي صورت ۾ 3 ڪروڙ 20 لک واهپييدارن کي فائدو ٿئي ها.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ريڪوري بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان گئس ٽيرف ۾ به 45 کان 50 سيڪڙو تائين واڌ جو مطالبو ڪيو ويو، گئس ٽيرف ۾ واڌ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط آهي. آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي شرطن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي، ادارن جي نجڪاري ۽ 203 سرڪاري ڪمپنين کي منسٽريز مان ڪڍي ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جا مطالبا شامل آهن. رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جي شرطن سان نگران حڪومت جو امتحان شروع ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ ادارن جي نجڪاري  جو عمل تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ معاهدي جي تحت 203 سرڪاري ڪمپنين کي هلندڙ مالي سال ناڻي واري وزارت جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته اهڙي ڪمپنين جو انتظام لائن منسٽريز وٽ هجڻ بهتري ۾ رنڊڪ آهي. پاور سيڪٽر ۾ جنڪوز ۽ ڊسڪوز ۾ ناقص گورننس سبب نقصان ۾ اضافو ٿيو. پيٽروليم ڊويزن جي تيل ۽ گيس جي منافعي بخش ڪمپنين کي به وڏي خساري کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ناڻي واري  وزارت اهو به ٻڌايو ته اهڙي طرح آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال پي آءِ اي، اسٽيل مل، آر ايل اين جي پاور پلانٽس ۽ ڊسڪوز جي نجڪاري چاهي ٿو. ٻئي طرف ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ نئين سري جوڙجڪ جي حوالي سان رنڊڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسڪوز جي انتظاميه ۾ نجي شعبي کي شامل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، نگران توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ سيڪريٽري نجڪاري ڪميشن، اسپيشل ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ نيپرا جا ميمبر شامل آهن